Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 2:17 - Hindu Sindhi Bible

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اسين ٿوري عرصي لاءِ اوهان کان دلي طور نہ پر رڳو شرير جي لحاظ کان جدا ٿياسين، تڏهن اسان ڏاڍي سڪ جي ڪري اوهان سان وري ملڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر اي ڀائرو، جڏهن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ جسم جي ڪري، نہ دل جي ڪري، اوهان کان جدا ٿياسين، تڏهن ڏاڍي سڪ سان اوهان جي منهن ڏسڻ لاءِ نهايت گهڻي ڪوشش ڪئي سون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اسين ٿوري عرصي لاءِ اوهان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏهن اسان ڏاڍي سڪ جي ڪري اوهان سان وري ملڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ اوھان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏھن ڏاڍي سڪ سان اوھان جي منھن ڏسڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي سون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 2:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو فريادي اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ هن کي ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي هو ڪوشش ڪري ساڻس ٺاهہ ڪري، متان اهو هن کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج هن کي سپاهيءَ جي حوالي ڪري جيڪو کيس جيل ۾ وجھي.


انهن کي چيائين تہ ”منهنجي دل ڏاڍو ٿي چاهيو تہ آءٌ تڪليفن سهڻ کان اڳ ۾ هن فصح جي تهوار واري رسوئي اوهان سان گڏجي کاوان.


تنهن تي وشواسين هڪدم پولس ۽ سيلاس کي راتوواهہ بيريا ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن هو اتي پهتا تہ يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويا.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي سڌ هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.


پر هاڻي هنن علائقن ۾ منهنجي سيوا پوري ٿي چڪي آهي ۽ جيئن تہ ڪيترن ئي سالن کان مون کي سڪ رهي آهي تہ اوهان ڏانهن اچان،


جيتوڻيڪ آءٌ شرير جي لحاظ کان اوهان وٽ حاضر نہ آهيان، تڏهن بہ آتما جي لحاظ کان حاضر آهيان. سو مون ڄڻ تہ موجودگيءَ واري حالت ۾ اهڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.


ڏسو، جيتوڻيڪ آءٌ شرير جي لحاظ کان اوهان وٽ موجود نہ آهيان، تڏهن بہ آتما جي لحاظ کان اوهان وٽ موجود آهيان. آءٌ اوهان جي باقاعدگيءَ واري چال چلت ۽ مسيح تي اوهان جو پختو وشواس ڏسي خوش ٿو ٿيان.


پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي وشواس ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ