Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 5:13 - Hindu Sindhi Bible

13 اوهان وانگر چونڊيل منڊلي، جيڪا بابل ۾ آهي سا اوهان کي نمسڪار ٿي ڏئي ۽ مرقس بہ نمسڪار ٿو ڏئي، جيڪو مون لاءِ هڪ پٽ جيان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 بابل واري ڪليسيا جا اوهان سان گڏ چونڊيل آهي، سا اوهان کي سلام ٿي موڪلي؛ ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو فرزند مرقس بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اوهان وانگر چونڊيل ڪليسيا، جيڪا بابل ۾ آهي سا اوهان کي سلام ٿي ڏئي ۽ مرقس بہ سلام ٿو ڏئي، جيڪو مون لاءِ هڪ پٽ جيان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 اوھان سان گڏ چونڊيل ڪليسيا، جيڪا بابل ۾ آھي سا اوھان کي سلام ٿي ڏئي ۽ منھنجو فرزند مرقس بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 5:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو سمجھڻ کان پوءِ هو يوحنا عرف مرقس جي ماتا مريم جي گھر ڏانهن روانو ٿيو. اتي گھڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ پرارٿنائون ڪري رهيا هئا.


هوڏانهن برنباس ۽ سائول پنهنجو سيوا وارو ڪم پورو ڪري يوحنا عرف مرقس کي پاڻ سان وٺي يروشلم کان شام جي شهر انطاڪيا ۾ موٽي آيا.


برنباس جي مرضي هئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلون.


انهيءَ ڳالهہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو هو هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو،


ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سؤٽ آهي اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. هن بابت اوهان کي هدايتون ٿيل آهن، سو جيڪڏهن هو اوهان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.


آءٌ جيڪو مهاتما سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط مسيح ۾ چونڊيل تو مانواري ناريءَ ۽ تنهنجي ٻارن ڏانهن لکي رهيو آهيان. اوهان کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان، نہ رڳو آءٌ پر اهي سڀيئي پڻ جيڪي سچ کي ڄاڻين ٿا.


مسيح ۾ چونڊيل تنهنجي ڀيڻ جا ٻار تو کي نمسڪار ڏين ٿا.


انهيءَ ناريءَ جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، وئشيائن ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماتا،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي.


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو برين آتمائن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر اپوِتر آتما جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن اپوِتر ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ