Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 2:20 - Hindu Sindhi Bible

20 ڏسو، جيڪڏهن اوهان غلط ڪم ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انهيءَ ۾ فخر جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. پر جيڪڏهن اوهين چڱا ڪم ڪري تڪليف سهو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اها ڳالهہ ايشور وٽ قبول پوندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 هن ڪري جو جيڪڏهن اوهين گناهہ ڪري انهي لاءِ مار کائو، ۽ پوءِ صبر ڪري اُها سهو تہ اُنهي ۾ ڪهڙو فخر آهي؟ پر جيڪڏهن نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو، ۽ صبر ڪري اُهو سور سهو، تہ خدا وٽ اها ڳالهہ قبول پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ڏسو، جيڪڏهن اوهان غلط ڪم ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انهيءَ ۾ فخر جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. پر جيڪڏهن اوهين چڱا ڪم ڪري تڪليف سهو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اها ڳالهہ خدا وٽ قبول پوندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ھن ڪري جو جيڪڏھن اوھان گناھہ ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انھيءَ ۾ ڪھڙو فخر آھي؟ پر جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اھا ڳالھہ خدا جي نظر ۾ تعريف جوڳي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 2:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هنن سندس منهن تي ٿڪون هنيون ۽ کيس ٺونشا هنيائون. ڪن وري کيس چماٽون هڻندي


وري جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن وشواسي ڀائرن ڀينرن جو ڀليڪار ڪريو ٿا تہ اوهان ڪا خاص ڳالهہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇو تہ غير وشواسي بہ ائين ئي ڪن ٿا.


پوءِ انهن مان ڪي يسوع کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون.


جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تن سان جيڪڏهن اوهان پيار ڪيو تہ اوهان ڪهڙو احسان ڪيو؟ پاپي بہ تہ پنهنجن پيار ڪندڙن سان پيار ڪن ٿا.


اڄ ڏينهن تائين اسين بکايل ۽ اڃايل ٿا رهون ۽ شرير تي پورا ڪپڙا بہ نہ آهن. اسان کي چماٽون هنيون وڃن ٿيون ۽ بي‌گھر ڦرندا ٿا وتون.


جذبو رکڻ تہ سٺي ڳالهہ آهي، پر شرط هي آهي تہ نيت بہ صاف هجي. آءٌ هميشہ ائين ٿو ڪريان، نہ رڳو تڏهن جڏهن آءٌ اوهان سان گڏ آهيان.


اهڙو جيون گذاريندي اوهين پرکيندا رهو تہ پرڀو يسوع کي ڪهڙي ڳالهہ پسند آهي.


هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙو قبول پوندڙ ٻليدان آهي، جنهن کي ايشور پسند ٿو ڪري.


هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور کي حاضر ناظر ڄاڻي بي‌انصافيءَ جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون صبر سان سهي ٿو تہ اها ڳالهہ ايشور وٽ قبول پوندڙ آهي.


پر جيڪڏهن سچائيءَ جي ڪري کڻي تڪليفون سهو بہ تہ اوهين سڀاڳا آهيو. سو ماڻهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو.


ڏسو، جيڪڏهن ايشور جي اها ئي مرضي هجي تہ اوهين نيڪي ڪرڻ سبب تڪليفون سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪرڻ سبب تڪليفن سهڻ کان بهتر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ