Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 2:19 - Hindu Sindhi Bible

19 هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور کي حاضر ناظر ڄاڻي بي‌انصافيءَ جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون صبر سان سهي ٿو تہ اها ڳالهہ ايشور وٽ قبول پوندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي نالي ناحق ڏک سهندو ۽ تڪليفون برداشت ڪندو، تہ اها قبول پوڻ جهڙي ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي بي‌انصافيءَ جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون صبر سان سهي ٿو تہ اها ڳالهہ خدا وٽ قبول پوندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا کي ڄاڻيندي بي⁠انصافيءَ جي ڪري ڏک سھي ۽ تڪليفون برداشت ڪري تہ اھا ڳالھہ تعريف جوڳي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 2:19
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تن سان جيڪڏهن اوهان پيار ڪيو تہ اوهان ڪهڙو احسان ڪيو؟ پاپي بہ تہ پنهنجن پيار ڪندڙن سان پيار ڪن ٿا.


ماڻهو منهنجي نالي جي ڪري اوهان سان اهڙو سلوڪ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ کي نہ ٿا ڄاڻين جنهن مون کي موڪليو آهي.


برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پوِتر آتما ۽ وشواس سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ ايشور ڪيئن نہ مٿن ڪرپا ڪئي آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”پرڀو يسوع سان تن ۽ من سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو پرڀو يسوع تي وشواس آڻي منڊليءَ ۾ شامل ٿي ويا.


تنهنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنهنجي ضمير جي خاطر پڻ اوهان کي حڪومت جي وس هيٺ رهڻ گھرجي.


هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو ايشور جي ڪرپا سان آهيان ۽ ايشور جي اها ڪرپا مون تي اجائي نہ هئي، ڇو تہ مون ٻين سڀني سنتن کان وڌيڪ سيوا جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اها ايشور جي ڪرپا هئي جيڪا مون تي آهي.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ ايشور کان مليل پوِترتائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان جيون گذاريو آهي. اهڙو ورتاءُ اسان سنسار ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين سنساري ڏاهپ موجب نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا موجب ڪيو آهي.


هاڻ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا بابت ٻڌايون ٿا، جيڪا مڪدُنيا جي وشواسي منڊلين تي ٿي آهي.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو وشواس آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگھي.


جيڪڏهن نيم ائين ڪري سگھي ها تہ پوءِ اهي ٻليدان پيش ڪرڻ بند ٿي وڃن ها. هائو، جيڪڏهن ڀڳتي ڪندڙ هڪ ئي دفعي هميشہ لاءِ پوِتر ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي پاپي هجڻ جو احساس ئي نہ رهي ها.


ڏسو، جيڪڏهن اوهان غلط ڪم ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انهيءَ ۾ فخر جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. پر جيڪڏهن اوهين چڱا ڪم ڪري تڪليف سهو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اها ڳالهہ ايشور وٽ قبول پوندڙ آهي.


سو انهيءَ لاءِ ائين نہ ٿئي جو اوهان مان ڪو خوني، چور، بدڪار يا ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندڙ ٿي تڪليف سهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ