Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 2:13 - Hindu Sindhi Bible

13 پرميشور جي خاطر هر انساني اختيار جي وس هيٺ رهو مثال طور مهاراجا جي، انهيءَ ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ اختيار وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 خداوند جي خاطر انسان جي سڀ ڪنهن اختياريءَ جا تابعدار رهو. بادشاهہ جا هن ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 خداوند جي خاطر هر انساني اختياريءَ جا تابعدار رهو مثال طور شهنشاهہ جا، انهيءَ ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ اختيار وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 خداوند جي خاطر ھر انساني اختياريءَ جا تابعدار رھو، مثال طور شھنشاھہ جا انھيءَ ڪري جو ھو سڀني کان مٿاھون آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 2:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“ تڏهن يسوع کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“


تڏهن يسوع کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“ يسوع جو اهو جواب ٻڌي کين ڏاڍو عجب لڳو.


تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“


مسيح جي ادب جي ڪري اوهين هڪٻئي جي وس هيٺ رهو.


ماڻهن کي ياد ڏياريندو رهہ تہ اهي حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن جي وس هيٺ رهن، سندن حڪم مڃين ۽ هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهن.


سڀني جو مان‌سمان ڪريو، وشواسي ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريو، ايشور جو خوف رکو ۽ مهاراجا جو مان‌سمان ڪريو.


خاص ڪري انهن کي جيڪي شرير جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي ايشور جي اختياريءَ کي ڪين جهڙو ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي سکيا ڏيندڙ بہ اهڙا تہ بي‌ادب ۽ هٺيلا آهن جو آڪاشي هستين جو اپمان ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ