Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 1:23 - Hindu Sindhi Bible

23 اوهين ناس ٿيندڙ ٻج مان نہ، بلڪ ابناسي ٻج، يعني ايشور جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيوت ۽ امر رهڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ڇالاءِ جو اوهين فاني ٻج مان نئين سر پيدا نہ ٿيا آهيو، پر غير فاني ٻج مان، يعني خدا جي ڪلام جي وسيلي، جو زندہ ۽ قائم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 اوهين فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج، يعني خدا جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 ڇالاءِ⁠جو اوھان فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج مان نئين سر پيدا ٿيا آھيو، يعني خدا جي انھيءَ ڪلام جي وسيلي جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 1:23
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڌرتي ۽ آڪاش ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


”ٻڌو! انهيءَ مثال جو مطلب هي آهي تہ ٻج آهي ايشور جي راڄ جو سنديش.


اهي رواجي طرح شرير جي خواهش يا انساني مرضيءَ سان ايشور جا ٻار نہ ٿيا، پر ايشور خود کين پنهنجو ٻار بڻايو.


سڀيئي شيون ان جي وسيلي پيدا ٿيون آهن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آهي، سا ان کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آهي.


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين ايشور جو راڄ ڏسي نہ سگھندو.“


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پوِتر آتما مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


جيون ڏيڻ واري تہ آتما آهي، شرير ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي آتما آهن ۽ جيون بہ.


هنن ابناسي ايشور کي مهانتا ڏيڻ جي بدران اهڙن بتن جي پوجا ڪئي جيڪي ناس ٿيندڙ انسانن، پکين، ريڙهيون پائيندڙن توڙي چوپاين جانورن جي صورت تي بڻايا ويا هئا.


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيوت ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي آتما کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي سنديش وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس رچيل شين ۾ پهريون ڦل بڻجون.


پر پرميشور جو فرمان هميشہ تائين قائم رهندو.“ هي اهو ئي فرمان آهي، جنهن جي خوشخبري اوهان کي ٻڌائي ويئي آهي.


شل ايشور جي مهما هجي جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي، جنهن پنهنجي وڏي ديا سان يسوع مسيح جي مئلن مان وري جيوت ٿي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان ۾ هڪ جيوت اميد پيدا ڪئي ويئي


جيڪو ايشور جو ٻار آهي سو پاپ نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي فطرت منجھس رهي ٿي. هائو، جيئن تہ هو ايشور جو ٻار بڻيو آهي تنهنڪري هو پاپ ڪري ئي نہ ٿو سگھي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ جن کي ايشور پنهنجو ٻار بڻايو آهي، سي پاپ نہ ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ سندن سنڀال اهو ٿو ڪري جيڪو ايشور جو پٽ آهي. سو شيطان کين هٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ