Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 4:21 - Hindu Sindhi Bible

21 جڏهن تہ مسيح جي طرفان اسان کي اهو حڪم مليو آهي تہ جيڪو ايشور سان پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي هم‌وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ هن کان اسان کي هي حڪم مليو آهي تہ جيڪو خدا کي پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي ڀاءُ کي بہ پيار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جڏهن تہ مسيح جي طرفان اسان کي اهو حڪم مليو آهي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 جڏھن تہ مسيح جو اھو حڪم آھي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري تنھن کي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 4:21
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’پنهنجي دوستن سان پيار ڪر ۽ پنهنجي دشمنن کان نفرت ڪر.‘


تنهن تي نيم شاستريءَ وراڻيس تہ ”اهو جنهن کي مٿس ديا آئي.“ يسوع چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“


اهو ئي منهنجو حڪم آهي تہ اوهين هڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوهان سان پيار ڪيو آهي.


اهڙيءَ سيوا جي وسيلي سڄو نيم هن هڪڙي ئي حڪم ۾ پورو ٿئي ٿو تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“


سو جڏهن اسين يسوع مسيح جا آهيون، تڏهن ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي وشواس ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر پريم رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


هاڻي هڪٻئي سان پيار ڪرڻ بابت اوهان ڏانهن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪرڻ ايشور پاڻ اوهان کي سيکاريو آهي.


مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ وارو سڀاءُ اختيار ڪريو.


سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.


اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نہ پر اهو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروع کان وٺي اوهان کي مليل آهي. هي پراڻو حڪم هڪٻئي سان پيار وارو اهو ئي سنديش آهي، جيڪو اوهين ٻڌي چڪا آهيو.


هي ئي اهو سنديش آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون.


اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري جيون ۾ آيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين پنهنجن هم‌وشواسين سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آهي.


اي پيارا ٻارؤ! اسين رڳو ڳالهين ۽ زبان سان نہ، پر عملي طور سچ مطابق پيار ڪريون.


هاڻ هن جو حڪم ڪهڙو آهي؟ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس پٽ يسوع مسيح جي نالي تي وشواس آڻيون ۽ هڪٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن مسيح اسان کي حڪم ڏنو آهي.


اي پريميؤ! جيئن تہ ايشور اسان سان ايڏو پيار ڪيو، تہ پوءِ لازمي آهي تہ اسين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ