Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 4:15 - Hindu Sindhi Bible

15 سو جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ يسوع ايشور جو پٽ آهي، تہ ايشور انهيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هو ايشور ۾.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 جيڪو قبول ڪندو تہ يسوع خدا جو فرزند آهي، تنهن ۾ خدا رهي ٿو، ۽ اهو خدا ۾ ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 سو جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آهي، تہ خدا انهيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هو خدا ۾.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آھي، تہ خدا انھيءَ ۾ رھي ٿو ۽ ھو خدا ۾.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 4:15
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪو ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو مون کي قبول ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آڪاش واري پتا جي اڳيان قبول ڪندس.


”آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو قبول ڪندو تہ ان کي منش‌پتر بہ ايشور جي دوتن جي اڳيان قبول ڪندو.


جيڪو بہ منهنجو ماس کائي ٿو ۽ منهنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رهي ٿو ۽ آءٌ هن ۾ رهان ٿو.


سو هاڻي جيڪڏهن اوهين زبان سان اقرار ڪريو تہ ”يسوع ئي پرڀو آهي“ ۽ دل سان وشواس آڻيو تہ ”ايشور کيس مئلن مان جيوت ڪيو آهي“ تہ پوءِ اوهان کي مڪتي ملندي.


۽ هر هڪ زبان اقرار ڪري تہ ”يسوع مسيح ئي پرڀو آهي،“ تہ جيئن ايشور پتا جي مهانتا جي مهما ٿئي.


جيڪو پٽ جو انڪار ٿو ڪري تنهن وٽ پتا بہ نہ آهي، پر جيڪو پٽ جو اقرار ڪري ٿو تنهن وٽ پتا بہ آهي.


هاڻ جيڪو ڪجھہ اوهان شروع کان ٻڌو آهي، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪڏهن اهو اوهان ۾ قائم رهيو تہ اوهين بہ پٽ ۽ پتا ۾ قائم رهندا.


هاڻ هن جو حڪم ڪهڙو آهي؟ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس پٽ يسوع مسيح جي نالي تي وشواس آڻيون ۽ هڪٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن مسيح اسان کي حڪم ڏنو آهي.


بيشڪ جيڪو ايشور جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس بخشيل پوِتر آتما جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو.


ايشور کي ڪنهن بہ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.


ايشور جي آتما کي اوهين هن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو ماڻهو قبول ڪري ٿو تہ يسوع مسيح شرير ۾ آيو، تنهن ۾ ايشور جي آتما آهي.


جنهن جو اهو وشواس آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو ايشور جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن سنسار ۾ جيڪو ڪنهن پتا سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


سنسار تي سوڀ انهيءَ کان سواءِ ڪير حاصل ڪري سگھي ٿو جنهن جو وشواس آهي تہ يسوع ايشور جو پٽ آهي؟


اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ سنسار ۾ ڪيترائي ڀَٽڪائيندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ يسوع مسيح شرير ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو ڀَٽڪائيندڙ ۽ مسيح جا مخالف آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ