Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:4 - Hindu Sindhi Bible

4 جيڪو بہ پاپ ڪري ٿو سو ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، پاپ ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جيڪو گناهہ ٿو ڪري سو بي شرع ڪم ٿو ڪري؛ ۽ گناهہ شرع جي برخلاف آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪو بہ گناهہ ڪري ٿو سو خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، گناهہ خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 جيڪوبہ گناھہ ڪري ٿو سو خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھدار آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ گناھہ خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:4
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آڪاش جي راڄ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آڪاش جي راڄ ۾ وڏو سڏبو.


تڏهن پولس هن کي چيو تہ ”ايشور تو کي ئي ڌڪ هڻندو، اي اندر جا ڪارا! تون تہ منهنجو فيصلو موسيٰ جي نيم موجب ڪرڻ ويٺو آهين. پوءِ ڇو نيم جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين؟“


مطلب تہ نيم جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻهو ايشور ڏانهن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. نيم جي وسيلي تہ رڳو کيس پاپن جي سڌ پوي ٿي.


ڳالهہ اها آهي تہ نيم تہ ايشور جو ڏمر پيدا ڪري ٿو، پر جتي نيم ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟


هائو، مون کي اهو بہ ڊپ آهي تہ جڏهن آءٌ وري اوهان وٽ اچان تہ منهنجو ايشور متان مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري ۽ مون کي اهڙن گھڻن ماڻهن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن هيستائين حرامڪاريءَ، زناڪاريءَ ۽ بي‌حيائيءَ وارا ڪم ڪري پاپ پئي ڪيا آهن ۽ انهن کان توبهہ نہ ڪئي اٿن.


اهڙي پرارٿنا جيڪا وشواس سان ڪئي ويندي، سا بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندي ۽ پرميشور انهيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏهن هن پاپ ڪيا هوندا تہ کيس انهن جي بہ معافي ملندي.


هر بري ڳالهہ پاپ آهي، پر هر پاپ جو نتيجو موت نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ