Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:13 - Hindu Sindhi Bible

13 سو منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن سنسار وارا اوهان سان دشمني ٿا رکن تہ عجب نہ کائو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 اي ڀائرو، جي دنيا اوهان سان دشمني ٿي رکي تہ عجب ۾ نہ پئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن دنيا وارا اوهان سان دشمني ٿا رکن تہ عجب نہ کائو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن دنيا اوھان سان دشمني ٿي ڪري تہ عجب نہ کائو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:13
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ مڪتي آهي.


ان وقت اوهان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ پڪڙايو ويندو. جيئن تہ اوهين منهنجا پوئلڳ آهيو سو سڀني قومن جا ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا.


منهنجي نالي جي ڪري هر ڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ مڪتي آهي.“


هائو، منهنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا.


سڀاڳا آهيو اوهين، جڏهن ماڻهو منش‌پتر جي ڪري اوهان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ اوهان کي بڇڙو سمجھي ڪڍي ڇڏيندا.


ڏسو، ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ ايشور جي سيوا ٿو ڪريان.‘


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي شانتي ملي. سنسار ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون سنسار تي سوڀ حاصل ڪئي آهي.“


مون تنهنجو سنديش انهن جي حوالي ڪيو آهي. سو سنسار انهن کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيئن آءٌ سنسار جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ سنسار جا نہ آهن.


تون انهيءَ ڪري عجب نہ کاءُ جو مون تو کي چيو تہ اوهان سڀني کي نئين سر پيدا ٿيڻ گھرجي.


سنسار اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿو سگھي پر اهو مون کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.


پطرس اهو حال ڏسي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانهن ائين ڇو ٿا نهاريو جو ڄڻ اسان هن کي پنهنجي شڪتيءَ ۽ ڌرمچاريءَ سان گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني آهي؟


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ ايشور جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ ايشور جي حڪمرانيءَ جي وس هيٺ آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي.


حقيقت ۾ جيڪي بہ يسوع مسيح ۾ ڌرمچاريءَ سان جيون گذارڻ چاهين ٿا، سي سڀ ستايا ويندا.


اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ سنسار جي دوستي ايشور سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو سنسار جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي ايشور جو دشمن ٿو بڻائي.


تنهن تي انهيءَ دوت مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آءٌ تو کي انهيءَ ناريءَ ۽ انهيءَ ستن مٿن ۽ ڏهن سڱن واري حيوان جنهن تي هوءَ سوار آهي، تن ٻنهي جو ڀيد بيان ڪري ٻڌائيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ