Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 3:11 - Hindu Sindhi Bible

11 هي ئي اهو سنديش آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو هي اهوئي پيغام آهي جو شروعات کان وٺي اوهان ٻُڌو، تہ اوهان کي گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هي ئي اهو پيغام آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 جيڪو پيغام اوھان شروعات کان ٻڌو آھي، سو ھي آھي تہ اسان کي ھڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 3:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو سڀ ڄاڻيندي يسوع رسوئيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجو جبو لاهي ٽوال چيلهہ سان ٻڌائين.


اهو ئي منهنجو حڪم آهي تہ اوهين هڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوهان سان پيار ڪيو آهي.


اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي نيم کي پورو ڪندا.


اوهين پيار ڀريو جيون گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ايشور جي آڏو خوشبودار ڀيٽا طور ٻليدان ڪري ڇڏيو.


هاڻي هڪٻئي سان پيار ڪرڻ بابت اوهان ڏانهن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪرڻ ايشور پاڻ اوهان کي سيکاريو آهي.


منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اهو پريم پيدا ڪرڻ آهي، جيڪو نيڪ نيتيءَ، صاف‌دليءَ ۽ سچي وشواس مان پيدا ٿئي ٿو.


هاڻي جيئن تہ اوهان حق جي وس هيٺ رهڻ سان پاڻ کي پوِتر ڪيو آهي، جنهن سان اوهان ۾ ڀائراڻي ۽ حقيقي پريم جو جذبو پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري تن ۽ من سان پاڻ ۾ گَهرو پريم رکو.


مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ وارو سڀاءُ اختيار ڪريو.


سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.


هاڻي جيڪو سنديش اسان يسوع مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”ايشور روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“


اي پريميؤ! جيئن تہ ايشور اسان سان ايڏو پيار ڪيو، تہ پوءِ لازمي آهي تہ اسين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريون.


جڏهن تہ مسيح جي طرفان اسان کي اهو حڪم مليو آهي تہ جيڪو ايشور سان پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي هم‌وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪري.


اي پريميؤ! اچو تہ هڪٻئي سان پيار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ پيار ايشور جي طرفان آهي. جيڪو پيار ڪري ٿو، سو ايشور جو ٻار آهي ۽ هو ايشور کي ڄاڻي ٿو.


سو اي پياري ڀيڻ! آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ اسين سڀ هڪٻئي سان پيار ڪريون. اهو آءٌ ڪو نئون حڪم نہ پر پراڻو حڪم لکي رهيو آهيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ