Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:6 - Hindu Sindhi Bible

6 جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ ايشور ۾ رهان ٿو،“ تنهن تي لازم آهي تہ هو اهڙيءَ طرح وفاداريءَ سان هلي جهڙيءَ طرح مسيح هلندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن ۾ رهان ٿو، تنهن کي گهرجي تہ پاڻ بہ ائين ئي هلي، جيئن هو هلندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا ۾ رهان ٿو،“ تنهن تي لازم آهي تہ هو اهڙيءَ طرح وفاداريءَ سان هلي جهڙيءَ طرح مسيح هلندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا سان گڏجي ھڪ ٿي ويو آھيان.“ تنھن کي اھڙيءَ طرح ھلڻ گھرجي جھڙيءَ طرح مسيح پاڻ ھلندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي ئي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان. ائين ڪرڻ سان اوهان کي آرام ملندو،


مون اوهان کي اهو نمونو ڏنو آهي، تہ جيئن اوهين بہ ائين ئي ڪندا رهو جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي.


جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پتا جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.


اوهين منهنجي نقشِ‌قدم تي هلو، جهڙي نموني آءٌ مسيح جي نقشِ‌قدم تي هلان ٿو.


اوهين پيار ڀريو جيون گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ايشور جي آڏو خوشبودار ڀيٽا طور ٻليدان ڪري ڇڏيو.


انهيءَ ڳالهہ لاءِ ئي ايشور اوهان کي سڏيو آهي. هائو، صبر سان تڪليفون سهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح بہ اوهان جي خاطر تڪليفون سٺيون. ائين هو اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو آهي، تہ جيئن اوهين سندس نقشِ‌قدم تي هلندا رهو.


هاڻي اي پيارا ٻارؤ! مسيح ۾ قائم رهندا اچو تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي، تڏهن اسان کي اهو اعتماد هجي تہ سندس اچڻ مهل اسين هن جي اڳيان شرمندا نہ ٿينداسين.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”آءٌ ايشور کي ڄاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اهو شخص ڪوڙو آهي ۽ هن ۾ سچ اصل موجود ڪونہ آهي.


بيشڪ جيڪو ايشور جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس بخشيل پوِتر آتما جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو.


تنهنڪري جيڪو منجھس قائم رهي ٿو سو پاپ نہ ٿو ڪري. پر جيڪو پاپ ڪري ٿو تنهن نہ کيس ڏٺو آهي ۽ نہ وري کيس ڄاتو آهي.


ايشور ۾ رهڻ ڪري پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو. سو عدالت جي ڏينهن اسين پوري اعتماد سان بيهي سگھنداسين، ڇاڪاڻ تہ جيئن مسيح ايشور ۾ آهي تيئن ئي هن سنسار ۾ اسين بہ ايشور ۾ آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ