Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:3 - Hindu Sindhi Bible

3 جيڪڏهن اسين ايشور جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ جيڪڏهن اسين هن جا حڪم بجا آڻينداسين تہ انهي مان اسان کي معلوم ٿيندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪڏهن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 جيڪڏھن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:3
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اوهين ڇو مون کي ’پرڀو، پرڀو‘ چئو ٿا، جڏهن تہ منهنجي چوڻ تي عمل نہ ٿا ڪريو؟


”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.


جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پتا جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو.


امر جيون اهو آهي تہ اهي تو هڪ سچي ايشور کي ۽ مون يسوع مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


اسين پرچار انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن ايشور فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس مهانتا کي ڄاتو وڃي جيڪا يسوع مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


ائين موت تائين پهچائيندڙ تڪليفن جي وسيلي ايشور جي طرفان ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿي هو پنهنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ امر مڪتيءَ جو سبب بڻيو.


اي پوڙهؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو اوهين شيطان تي سوڀارا ٿيا آهيو.


اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري جيون ۾ آيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين پنهنجن هم‌وشواسين سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آهي.


انهيءَ مان اهو ڄاڻينداسين تہ اسين سچ تي آهيون ۽ جنهن ڳالهہ ۾ اسان جي دل محسوس ڪري ٿي تہ اسين پاپي آهيون، تنهن جي باري ۾ اسين ايشور جي شرڻ ۾ خاطري ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ ايشور جيڪو سڀ ڪجھہ ڄاڻي ٿو، تنهن جي آڏو اسان جي دلين جي ڪهڙي حيثيت آهي؟


تنهنڪري جيڪو منجھس قائم رهي ٿو سو پاپ نہ ٿو ڪري. پر جيڪو پاپ ڪري ٿو تنهن نہ کيس ڏٺو آهي ۽ نہ وري کيس ڄاتو آهي.


اسين ڪيئن ڄاڻي سگھون ٿا تہ اسين ايشور ۾ رهون ٿا ۽ هو اسان ۾ رهي ٿو؟ اهو اسين هن طرح ٿا ڄاڻون جو هن اسان کي پنهنجي پوِتر آتما بخشي آهي.


اي پريميؤ! اچو تہ هڪٻئي سان پيار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ پيار ايشور جي طرفان آهي. جيڪو پيار ڪري ٿو، سو ايشور جو ٻار آهي ۽ هو ايشور کي ڄاڻي ٿو.


هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين ايشور جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄو سنسار شيطان جي قبضي ۾ آهي.


سو جڏهن اسين ايشور سان پيار ڪريون ٿا ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪريون، تہ انهيءَ مان سڌ ٿي پوي تہ اسين ايشور جي ٻارن سان بہ پيار ٿا ڪريون.


ايشور سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن.


ازدها کي ناريءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنهنڪري هو ناريءَ جي باقي اولاد، يعني جيڪي ايشور جي حڪمن تي هلن ٿا ۽ يسوع بابت شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان جنگ ڪرڻ لاءِ هليو ويو


مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم رهن، جيڪي ايشور جي حڪمن تي ٿا هلن ۽ يسوع تي وشواس ٿا رکن.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي جيون ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ