Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:26 - Hindu Sindhi Bible

26 مون هي ڳالهيون اوهان ڏانهن انهن ماڻهن بابت لکيون آهن، جيڪي اوهان کي ڀَٽڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 هي ڳالهيون مون اوهان ڏانهن انهن بابت لکيون آهن، جي اوهان کي گمراهہ ڪيو ٿا ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 مون هي ڳالهيون اوهان ڏانهن انهن ماڻهن بابت لکيون آهن، جيڪي اوهان کي گمراهہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 مون ھي ڳالھيون اوھان ڏانھن انھن ماڻھن بابت لکيون آھن، جيڪي اوھان کي گمراھہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:26
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا وري ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندا. اهي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا. اهو سڀ اهي انهيءَ مقصد لاءِ ڪندا تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ ايشور جي چونڊيلن کي بہ ڀَٽڪائي ڇڏين.


ائين نہ ٿئي جو ڏيکاءَ واري نِوڙت ۽ دوتن جي پوجا ڪرڻ وارو ڪو ماڻهو زور ڀري اوهان کي مسيح ۾ جيون گذارڻ وارو انعام کٽڻ کان رهائي وجھي. اهڙو ماڻهو درشن جي ڳالهين کي اجائي اهميت ڏيئي پنهنجي شريري عقل تي ڦونڊجي ٿو.


خبردار رهجو، متان ڪو ماڻهو انهن اجاين ۽ ڀَٽڪائيندڙ خيالن سان اوهان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جن جو بنياد مسيح تي نہ پر ماڻهن جي روايتن ۽ هن سنسار جي شروعاتي اصولن تي آهي.


پوِتر آتما صاف طور چوي ٿي تہ انتم ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو وشواس کان ڦري ڀَٽڪائيندڙ آتمائن ۽ ڀوتن جي سکيا تي ڌيان ڏيندا.


جڏهن تہ بڇڙا ۽ دوکيباز ماڻهو ٻين کي دوکو ڏيندي ۽ پاڻ بہ دوکو کائيندي خراب کان خراب ٿيندا ويندا.


سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي.


اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ سنسار ۾ ڪيترائي ڀَٽڪائيندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ يسوع مسيح شرير ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو ڀَٽڪائيندڙ ۽ مسيح جا مخالف آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ