Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:24 - Hindu Sindhi Bible

24 هاڻ جيڪو ڪجھہ اوهان شروع کان ٻڌو آهي، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪڏهن اهو اوهان ۾ قائم رهيو تہ اوهين بہ پٽ ۽ پتا ۾ قائم رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 باقي اوهان جيڪي شروع کان ٻُڌو، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪي شروع کان ٻُڌو اٿوَ، سو جيڪڏهن اوهان ۾ رهندو، تہ اوهين بہ پٽ توڙي پيءُ ٻنهي ۾ رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 هاڻ جيڪو ڪجھہ اوهان شروع کان ٻڌو آهي، سو اوهان ۾ قائم رهي. جيڪڏهن اهو اوهان ۾ قائم رهيو تہ اوهين بہ فرزند ۽ پيءُ ۾ قائم رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 جيڪو ڪجھہ اوھان کي شروع ۾ ٻڌايو ويو آھي، سو اوھان جي دلين ۾ رھڻ گھرجي. جيڪڏھن اھو اوھان کي ياد رھيو تہ اوھين بہ پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي سان گڏجي ھڪ ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:24
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جهڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اهي ڳالهيون پهچايون، تهڙيءَ طرح هنن بہ هي ڳالهيون انهن کان ٻڌي لکيون، جيڪي شروع کان ئي هنن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد هئا ۽ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار پڻ ڪيائون.


”هيءَ ڳالهہ پنهنجي هينئين سان هنڊايو تہ منش‌پتر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.“


تنهن تي يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو ۽ منهنجو پتا هن سان پيار ڪندو. آءٌ ۽ منهنجو پتا هن وٽ اچي ساڻس گڏجي رهنداسون.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.


جيڪو بہ منهنجو ماس کائي ٿو ۽ منهنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رهي ٿو ۽ آءٌ هن ۾ رهان ٿو.


تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تون ڪير ’اهو ئي‘ آهين؟“ يسوع وراڻيو تہ ”آءٌ اهو ئي آهيان، جيئن شروعات کان وٺي اوهان کي چوندو آيو آهيان.


اي فلپيؤ! اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي پرچار وارن شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن آءٌ اوهان جي صوبي مڪدُنيا مان روانو ٿي رهيو هئس تہ اوهان کان سواءِ ٻي ڪابہ وشواسي منڊلي، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان شامل نہ ٿي.


مسيح بابت سنديش کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي سکيا ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان ايشور جي شڪرگذاري ڪندي زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت ڳائيندا رهو.


تنهنڪري لازمي آهي تہ يسوع بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.


جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي ايشور پتا ۽ سندس پٽ يسوع مسيح سان آهي.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن ايشور پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس پٽ يسوع جو رت اسان کي سڀني پاپن کان پوِتر ڪري ٿو ڇڏي.


اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نہ پر اهو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروع کان وٺي اوهان کي مليل آهي. هي پراڻو حڪم هڪٻئي سان پيار وارو اهو ئي سنديش آهي، جيڪو اوهين ٻڌي چڪا آهيو.


بيشڪ جيڪو ايشور جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس بخشيل پوِتر آتما جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو.


اسين ڪيئن ڄاڻي سگھون ٿا تہ اسين ايشور ۾ رهون ٿا ۽ هو اسان ۾ رهي ٿو؟ اهو اسين هن طرح ٿا ڄاڻون جو هن اسان کي پنهنجي پوِتر آتما بخشي آهي.


سو جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ يسوع ايشور جو پٽ آهي، تہ ايشور انهيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هو ايشور ۾.


ان کان علاوہ اسان پاڻ بہ ڄاڻي ورتو آهي ۽ اهو وشواس بہ آهي تہ ايشور جو اسان سان پيار آهي. بيشڪ ايشور پيار آهي، تنهنڪري جيڪو پيار ۾ رهي ٿو سو ايشور ۾ رهي ٿو ۽ ايشور بہ انهيءَ ۾ رهي ٿو.


اهو انهيءَ سچ جي ڪري آهي جيڪو اسان ۾ رهي ٿو ۽ هميشہ اسان سان گڏ رهندو.


جيڪو بہ مسيح جي سکيا تي قائم نہ ٿو رهي ۽ هٽي ڪري پنهنجيون ڳالهيون ٿو ڪري، تنهن وٽ ايشور موجود نہ آهي. پر جيڪو مسيح جي سکيا تي قائم رهي ٿو، تنهن وٽ پتا بہ آهي ۽ پٽ بہ.


اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو تہ جڏهن خوشخبريءَ جي ڪن پرچار ڪرڻ وارن اچي اها شاهدي ڏني تہ تون سچ تي قائم رهندي سچائيءَ سان جيون گذاري رهيو آهين، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.


آءٌ جلد اچڻو آهيان. جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو تہ ڪوبہ اوهان جو تاج کسي نہ وٺي.


تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي سنديش قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ سکيا تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي سڌ ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ