Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 2:11 - Hindu Sindhi Bible

11 پر جيڪو پنهنجي هم‌وشواسيءَ سان نفرت ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ آهي ۽ اونداهيءَ ۾ هلي ٿو. کيس سڌ نہ آهي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اونداهيءَ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 پر جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندهہ ۾ آهي، ۽ اوندهہ ۾ پيو هلي، ۽ خبر نٿي پويس تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، ڇوتہ اوندهہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پر جيڪو پنهنجي هم‌ايمان سان نفرت ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ آهي ۽ اونداهيءَ ۾ هلي ٿو. کيس خبر نہ آهي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اونداهيءَ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 پر جيڪو پنھنجي ھم⁠ايمان سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندھہ ۾ آھي ۽ اوندھہ ۾ گھمي ٿو. کيس خبر نہ آھي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوندھہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 2:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي سڌ ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.


”مون ايشور انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


پر هنن جا دماغ اهڙا تہ بند ڪيا ويا جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي وچن‌نامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو رهي ٿو ۽ اهي سچ کي سمجھي نہ ٿا سگھن. اهو پردو رڳو مسيح ۾ ئي کڄي وڃي ٿو.


اهي وشواس نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن سنسار جو ڀڳوان ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو ايشور جو روپ آهي، تنهن جي مهانتا جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


ڏس، اسين ڪنهن وقت مُورک، نافرمان، ڀَٽڪيل ۽ طرح طرح جي شرير وارين خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين دشمنيءَ ۽ ساڙ جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


پر جنهن ماڻهوءَ ۾ اهي خوبيون نہ آهن، سو گھٽ نظر وارو بلڪ انڌو آهي. هو پنهنجي اڳوڻن پاپن کان ڌوپجي صاف ٿيڻ واري ڳالهہ کي وساري ويٺو آهي.


پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ ايشور سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.


جيڪو پنهنجي هم‌وشواسيءَ سان پيار ٿو ڪري، سو روشنيءَ ۾ ٿو رهي ۽ منجھس اهڙي ڪابہ ڳالهہ نہ آهي جيڪا کيس ڀَٽڪائي ڇڏي.


جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آهيان،“ پر پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهي.


جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني امر جيون جي حالت ۾ نہ آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ ايشور سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو ايشور سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو.


ڏسو، اوهين چئو ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ گھڻو مال ملڪيت گڏ ڪيو آهي ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ آهي.‘ پر اوهان کي اها سڌ ڪانهي تہ حقيقت ۾ اوهين بد‌بخت، ڏکيارا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ