Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.يوحنا 1:6 - Hindu Sindhi Bible

6 پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ ايشور سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان جي هن سان شراڪت آهي، ۽ اوندهہ ۾ هلون تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون، ۽ سچ تي نٿا هلون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ خدا سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پوءِ جيڪڏھن اسان جي خدا سان صحبت آھي ۽ ھلون وري اوندھہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالھايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.يوحنا 1:6
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي پرڀو! اي پرڀو! اسان تنهنجي نالي تي ايشور جو سنديش نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي چمتڪار نہ ڪيا ڇا؟‘


پر جيڪڏهن ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هن کي روشني نہ آهي.“


يسوع کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي سڌ ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.


آءٌ روشني آهيان ۽ هن سنسار ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.


ٻئي دفعي يسوع فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ سنسار جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي جيون جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“


تڏهن بہ اوهان هن کي ڪونہ ڄاتو آهي، پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ هن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڳالهين تي عمل ڪريان ٿو.


اهڙيون ڳالهيون انهن ڪوڙن ماڻهن جي پاکنڊپائيءَ ڪري ٿينديون، جن جي ضمير کي شيطان ڏنڀ هڻي پنهنجو ظاهر ڪيو آهي.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”مون کي وشواس آهي،“ پر هو انهيءَ جي لائق عمل نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇا اهڙو وشواس هن کي بچائي ٿو سگھي؟


اهو ڏسي جيڪڏهن اوهان مان ڪو کيس چوي تہ ”شانتيءَ سان وڃي گذار، گرم ڪپڙا پاءِ ۽ کائي پي ڍءُ ڪر،“ پر کيس اهي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس شرير لاءِ ضروري آهن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟


پر ٿي سگھي ٿو ڪو ماڻهو ائين چوي تہ ”ڪن وٽ وشواس آهي ۽ ڪن وٽ عمل بہ آهي.“ چڱو ڀلا، آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ کي چوان ٿو تہ ”تون عمل کان سواءِ مون کي پنهنجو وشواس ڏيکار ۽ آءٌ پنهنجي عمل سان تو کي پنهنجو وشواس ڏيکاريندس.


هاڻ جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان پاپ ڪونہ ڪيو آهي، تڏهن اسين ڄڻ ايشور کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس سنديش موجود نہ آهي.


جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي ايشور پتا ۽ سندس پٽ يسوع مسيح سان آهي.


جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان ۾ پاپ آهي ئي ڪونہ، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچ موجود ڪونهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”آءٌ ايشور کي ڄاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اهو شخص ڪوڙو آهي ۽ هن ۾ سچ اصل موجود ڪونہ آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ ايشور سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو ايشور سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ