Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:5 - Hindu Sindhi Bible

5 ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو وشواسي ناري پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن پرڀوءَ جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا سنت ڪن ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اسان کي اهو اختيار ناهي ڇا تہ جيئن ٻيا رسول، ۽ خداوند جا ڀائر ۽ ڪيفاس ٿا ڪن، تيئن ڪنهن مسيحي زال سان شادي ڪري کيس پاڻ سان رکون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو هم‌ايمان عورت پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن خداوند جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا رسول ڪن ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:5
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا هي واڍي جو پٽ نہ آهي؟ ڇا هن جي ماتا جو نالو مريم نہ آهي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يهوداہ هن جا ڀائر نہ آهن ڇا؟


يسوع جڏهن پطرس جي گھر آيو تہ اتي ڏٺائين تہ پطرس جي سس بخار سبب بستري تي پيئي آهي.


ان وقت شمعون جي سس بخار سبب بستري تي پيئي هئي. سو جيئن ئي يسوع اتي پهتو تہ کيس هن جي بيماريءَ بابت ٻڌايائون.


ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن يسوع کي قبول نہ ڪيو.


متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون، جنهن کي ”قوم‌پرست“ ڪري چوندا هئا،


تنهن تي کيس ٻڌايو ويو تہ ”اوهان جي ماتا ۽ اوهان جا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ملڻ ٿا چاهين.“


پوءِ هو شمعون کي يسوع وٽ وٺي آيو. يسوع هن ڏانهن نهاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون ڪيفا (يعني پطرس) جي نالي سان سڏبين.“


تنهن کان پوءِ يسوع، سندس ماتا، ڀائر ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا.


اهي سڀيئي يسوع جي ماتا مريم سميت ڪجھہ نارين ۽ يسوع جي ڀائرن سان گڏجي پرارٿنا ڪندا هئا.


اسان جي وشواسي ڀيڻ فيبي، جيڪا ڪنخريا شهر واري وشواسي منڊليءَ جي سيواداري آهي، تنهن جي آءٌ اوهان کي پارت ٿو ڪريان تہ


منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان.“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آهيان.“


انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن ڪو غير وشواسي پتي يا پتني جدا ٿئي تہ جدا ٿيڻ ڏيوس. اهڙين حالتن ۾ وشواسي پتي يا پتني پابند نہ آهي. پر ڏسو، ايشور اوهان کي ميل ميلاپ سان رهڻ لاءِ سڏيو آهي.


جيستائين پتي جيوت آهي تيستائين پتني سندس پابند آهي. پر جيڪڏهن سندس پتي مري وڃي تہ پوءِ هوءَ آزاد آهي، جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، بشرطيڪ اهو مرد پرڀو يسوع مسيح جو هجي.


تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون وانگر هجن. پر هر ڪنهن ماڻهوءَ کي ايشور کان پنهنجو پنهنجو وردان مليل آهي، ڪنهن کي ڪهڙو تہ ڪنهن کي ڪهڙو.


جيڪي هن وقت پرڻيل نہ آهن، تن کي ۽ خاص طور وڌوائن کي منهنجي صلاح آهي تہ انهن لاءِ اهو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ اڪيلو آهيان تيئن هو بہ رهن.


اتي مون پرڀو يسوع جي ڀاءُ يعقوب کي ڏٺو، پر ٻين سنتن مان ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺو.


تنهنڪري ضروري آهي تہ سنڀاليندڙ تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي پتنيءَ سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ سکيا ڏيڻ جي لائق هجي.


اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون ايشور انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو وشواس رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


وڏي عمر وارين نارين کي ماتا وانگر ۽ جوان نارين کي ڀينرن وانگر سمجھي کين پوري پوِترتائيءَ سان سمجھاءِ.


هر اڳواڻ اهڙو هجي جنهن تي ڪو الزام نہ هجي ۽ هو پنهنجي پتنيءَ سان وفادار هجي. هن جي ٻارن جي هلت چلت وشواسين جي لائق هجي ۽ بدچاليءَ ۽ گستاخيءَ جي تهمت کان پوِتر هجن.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي مانائتي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ پتي پتنيءَ کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، ايشور حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فيصلو جاري ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ