Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 9:17 - Hindu Sindhi Bible

17 جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان پرچار ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي لاڀ جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ تہ جي آئون پنهنجي مرضيءَ سان ائين ٿو ڪريان تہ انهي جو مون کي اُجورو ٿو ملي، پر جي پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ ٿو ڪريان تہ پوءِ اِها مختياري مون کي سونپيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان منادي ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي اجوري جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 سو جيڪڏھن آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان ائين ڪريان تہ انھيءَ جو اجورو مون کي ملندو. پر جيئن تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ کان سواءِ ٿو ڪريان، تہ پوءِ ڄڻ تہ اھا ھڪ ذميواري آھي جا مون کي سونپي ويئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 9:17
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو سنديش ڏيندڙ سنت کي ايشور جو سنت سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي سنت جيترو لاڀ ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نيڪ جيترو لاڀ ملندو.


پر آءٌ اوهان کي اڳ ۾ ئي اهو ٻڌائي رهيو آهيان.


پرڀوءَ جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


ايستائين جو جيڪو لابارو ڪري ٿو تنهن کي مزدوري ملندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي امر جيون لاءِ فصل گڏ ڪندو ٿو وڃي، تہ جيئن پوکيندڙ ۽ لڻندڙ ٻئي گڏجي خوشي ملهائين.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽادار هوندو تہ کيس ان جو لاڀ ملندو.


پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر لاڀ ملندو.


سو ماڻهن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا سيوادار سمجھن، جن کي ايشور جا ڀيد ظاهر ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويئي آهي.


پر منهنجي فخر ڪرڻ جو سبب خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ ڪونہ آهي، ڇاڪاڻ تہ پرچار ڪرڻ مون تي فرض آهي. جيڪڏهن آءٌ خوشخبريءَ جو پرچار نہ ٿو ڪريان تہ منهنجي حال تي افسوس آهي.


تہ پوءِ منهنجو لاڀ ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جو مفت پرچار ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي پرچار ڪرڻ سان حاصل آهي.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب ايشور سندس دان قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


اٽلندو انهن مانوارن کي اها خبر پئجي ويئي تہ ايشور غير يهودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي آهي، جيئن هن يهودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جي ذميواري پطرس جي حوالي ڪئي هئي.


ايشور مون کي منڊليءَ جو سيوڪ مقرر ڪري اها ذميواري ڏني آهي تہ آءٌ مسيح بابت ايشور جو سنديش اوهان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان.


ان جي ابتڙ ايشور اسان کي لائق قرار ڏيئي خوشخبريءَ جو سنديش جيئن اسان جي حوالي ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻهن کي نہ پر ايشور کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي پرکي ٿو.


تنهن هوندي بہ منهنجي اها مرضي نہ هئي تہ تنهنجي اڻڄاڻيءَ ۾ ڪجھہ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اُنيسمس تي تون جيڪا بہ مهرباني ڪرين سا مجبوريءَ سان نہ، پر خوشيءَ سان ڪرين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ