Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 8:4 - Hindu Sindhi Bible

4 سو بتن تي ٻليدان ڪرڻ بابت اسين ڄاڻون ٿا تہ بت سنسار ۾ ڪابہ حقيقت نہ ٿا رکن ۽ هي بہ ڄاڻون ٿا تہ سواءِ هڪڙي جي ٻيو ڪوبہ ايشور ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هاڻي جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور ٿا چاڙهين تن بابت، اسان کي خبر آهي تہ بُت دنيا ۾ ڪي بہ ڪين آهن، ۽ هڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سو بتن تي قرباني ڪرڻ بابت اسين ڄاڻون ٿا تہ بت دنيا ۾ ڪابہ حقيقت نہ ٿا رکن ۽ هي بہ ڄاڻون ٿا تہ سواءِ هڪڙي جي ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 تہ پوءِ بتن تي نذر ڪيل کاڌي بابت اسان کي خبر آھي تہ دنيا ۾ بتن جي ڪابہ حقيقت ناھي ۽ ھڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪينھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 8:4
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”پهريون وڏو حڪم هي آهي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌ، پرڀو اسان جو ايشور هڪڙو ئي پرڀو آهي.


”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيوت ايشور کي مڃو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.


پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين.


اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي ڀَٽڪائي ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت ايشور هرگز نہ آهن.‘


هاڻي بتن تي ٻليدان ڪرڻ واري ڳالهہ تي اچو. انهيءَ بابت ڄاڻيندي اسين چئون ٿا تہ ”اسين سڀيئي ڄاڻ رکون ٿا.“ پر ڄاڻ تہ انسان کي مغرور ڪري ٿي، جڏهن تہ پريم ترقي بخشي ٿو.


فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوهان ڄاڻ وارن مان ڪنهن کي بت‌خاني ۾ بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائيندو ڏسي، تہ هو بہ اهو کاڌو کائڻ ۾ نہ همتائبو ڇا؟


مطلب تہ اوهان جي ڄاڻ جي ڪري ڪمزور سمجھہ وارو شخص، يعني اوهان جو اهو هم‌وشواسي برباد ٿي ويندو، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني.


بيشڪ وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ ايشور جي ڄاڻ نہ هوندي اوهين انهن جي غلاميءَ ۾ هئا جيڪي حقيقت ۾ ايشور نہ آهن.


هڪڙو ئي ايشور آهي، جيڪو سڀني جو پتا آهي. هو سڀني جي مٿان آهي، سڀني سان گڏ آهي ۽ سڀني ۾ موجود آهي.


هاڻي شل امر راجا يعني ابناسي، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ هڪڙي ئي ايشور جو مان‌سمان ۽ مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مڪتي ڏيڻ وارو ايشور هڪڙو ئي آهي ۽ ايشور ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني يسوع مسيح جيڪو انسان آهي.


۽ جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي مڪتي ڏئي ٿو، تنهن اڪيلي ايشور کي مهانتا، شڪتي، اختيار ۽ مهما سونهي، جيئن شروعات کان هو، هاڻي آهي ۽ هميشہ تائين هوندو. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ