Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 8:12 - Hindu Sindhi Bible

12 اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي وشواسي ڀائرن ڀينرن جي ڪمزور ضمير کي زخمي ڪري سندن ڏوهي ٿا بڻجو ۽ ائين اوهين مسيح جا پاپي ٿا قرار ڏنا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 انهيءَ طرح جڏهن اوهين ڀائرن جو گناهہ ٿا ڪريو، ۽ هنن جي ڪمزور دلين کي زخمي ٿا ڪريو، تڏهن اوهين مسيح جا گنهگار ٿا ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن جي ڪمزور ضمير کي زخمي ڪري سندن ڏوهي ٿا بڻجو ۽ ائين اوهين مسيح جا گنهگار ٿا قرار ڏنا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 اھڙيءَ طرح جڏھن اوھين ڀائرن ۽ ڀينرن جو گناھہ ٿا ڪريو تہ سندن ڪمزور ضمير کي زخمي ٿا ڪريو. ائين اوھين مسيح جو گناھہ ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 8:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا.


تڏهن پطرس يسوع جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن منهنجو ڪو هم‌وشواسي منهنجو ڏوهہ ڪندو رهي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“


يسوع وڌيڪ چيو تہ ”هي سادا سٻاجھا پوئلڳ جن مون تي وشواس آندو آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائيندو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.


راجا جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


تنهن تي راجا جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ جي بہ مدد کان انڪار ڪيو تڏهن ڄڻ اوهان منهنجي مدد کان انڪار ڪيو.‘“


”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي وشواس آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائي ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها.


منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو پاپ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي.


اوهين کاڌي جي ڪري ايشور جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جنهن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻهو ڀَٽڪي وڃي ٿو تہ کائڻ واري ماڻهوءَ لاءِ اها شيءِ خراب آهي.


جيئن هڪڙي شرير جا عضوا گھڻا آهن، تڏهن بہ اهي سڀيئي عضوا گڏجي هڪڙو شرير ٿين ٿا، تيئن مسيح بہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ