Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:37 - Hindu Sindhi Bible

37 پر جيڪو ماڻهو پنهنجي ارادي ۾ مضبوط آهي ۽ بغير ڪنهن مجبوريءَ جي پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو اٿائين تہ هو پنهنجي ڪنيا کي ڪنواري رکندو تہ هو چڱو ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 پر جيڪو پنهنجي دل ۾ قائم ٿو رهي ۽ اهڙي ڪابہ ضرورت نٿي ٿئيس، بلڪ پنهنجي ارادي جي پوري ڪرڻ جي طاقت اٿس، ۽ پنهنجي دل ۾ اهو پڪو ٺهراءُ ڪيو اٿس تہ پنهنجي مَڱ کي ڪنواري رکندس، تہ ائين چڱو ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 پر جيڪو ماڻهو پنهنجي ارادي ۾ مضبوط آهي ۽ بغير ڪنهن مجبوريءَ جي پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو اٿائين تہ هو پنهنجي ڇوڪريءَ کي ڪنواري رکندو تہ هو چڱو ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 پر جنھن ماڻھوءَ پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ۽ مجبور بہ نہ آھي، بلڪ پنھنجي ارادي جو مضبوط آھي ۽ دل ۾ اھو پڪو پھہ ڪيو اٿائين تہ پنھنجي ڇوڪري ڪنواري رکندس تہ ھو چڱو ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:37
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جن ڳالهين بابت اوهان لکي پڇيو آهي، تن مان هڪڙي ڳالهہ اها هئي تہ ”مرد لاءِ چڱو آهي تہ ناريءَ کي هٿ بہ نہ لائي.“


جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هن جي ڪنيا جوانيءَ کان موٽي آهي ۽ کيس ڪنوارو رکي هن ساڻس ناانصافي ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انهيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. انهيءَ ۾ ڪوبہ پاپ ڪونهي.


مطلب تہ جيڪو پنهنجي ڪنواري ڪنيا کي پرڻائي ٿو سو چڱو ٿو ڪري، پر جيڪو کيس نہ ٿو پرڻائي سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري.


هر هڪ ماڻهو بغير ڪُرڪڻ ڪنجھڻ جي ۽ بغير ڪنهن لاچاريءَ جي اوترو ئي ڏئي جيترو هن دل ۾ ارادو ڪيو آهي، ڇو تہ ايشور خوشيءَ سان ڏيڻ واري سان پيار ٿو ڪري.


ايشور جو ڌڻ جيڪو اوهان جي سار سنڀال هيٺ آهي تنهن جي سنڀال ڪندي انهيءَ کي چاريندا رهو. هي ڪم جيئن ايشور چاهي ٿو تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب، دل جي شوق سان ڪريو، نڪي ذاتي لالچ جي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ