Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:34 - Hindu Sindhi Bible

34 سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري ناري پرڀو يسوع جي ڳالهين جي چنتا ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن شرير ۽ آتما جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پوِتر رهي. جڏهن تہ پرڻيل ناريءَ کي سنساري چنتا بہ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن پتيءَ کي راضي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 پر پرڻيل زال ۽ ڪنواريءَ جي وچ ۾ بہ تفاوت آهي. جيڪا ڪنواري آهي سا خداوند جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ جسم ۾ توڙي روح ۾ پاڪ رهي، پر جيڪا پرڻيل آهي سا دنيا جي شين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي مڙس کي راضي رکان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري عورت خداوند عيسيٰ جي ڳالهين جي فڪر ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پاڪ رهي. جڏهن تہ پرڻيل عورت کي دنياوي فڪر بہ رهي ٿو تہ هوءَ ڪيئن مڙس کي راضي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 اڻ⁠پرڻيل يعني ڪنواري عورت خداوند جي ڳالھين بابت انھيءَ فڪر ۾ آھي تہ ھوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان پاڪ رھي. پر جيڪا پرڻيل آھي، تنھن کي اھو فڪر آھي تہ ھوءَ ڪيئن مڙس کي راضي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:34
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مزدور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو رڳو مزدور آهي ۽ کيس رڍن جي ڪا چنتا ڪانہ آهي.


پنهنجي شرير جي عضون کي پاپ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيوت سمجھي ايشور جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي شرير جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.


ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي شرير سان ايشور جي جوت ظاهر ڪريو.


جڏهن تہ پرڻيل ماڻهوءَ کي سنسار جي ڳالهين جي بہ چنتا رهي ٿي تہ هو ڪيئن پنهنجي پتنيءَ کي راضي رکي.


اهو آءٌ اوهان کي پابند ڪرڻ لاءِ نہ پر اوهان جي ئي فائدي لاءِ ٿو چوان، تہ جيڪو صحيح ۽ مناسب آهي سو ڪريو تہ جيئن اوهين تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو.


اهڙين ٻين ڳالهين کان علاوہ وشواسين جي سڀني منڊلين جي ڳڻتي هميشہ مون تي بار وانگر ٿي رهي.


ايشور جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي،


حقيقت ۾ مون کي اميد، بلڪ پورو ڀروسو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر وڏي دليريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ آءٌ پنهنجي شرير جي وسيلي مسيح جي وڏائي ظاهر ڪندو رهندس، پوءِ توڙي جيوت رهان يا مري وڃان.


شل شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان کي مڪمل طور پوِتر ڪري. شل هو اوهان جي آتما، جان ۽ شرير کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو ايشور جي منڊليءَ جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟


اهڙي وڌوا جيڪا سچ پچ نڌڻڪي ۽ بلڪل اڪيلي آهي، سا ايشور تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينهن ايشور کي منٿون ڪرڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ مگن ٿي رهي.


اها ڳالهہ ڀروسي واري آهي. سو منهنجي مرضي آهي تہ تون پوري يقين سان انهن ڳالهين جي دعويٰ ڪر، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ايشور تي پورو ڀروسو رکن ٿا، سي ڌيان سان چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ رڌل رهن. اهي ڳالهيون چڱيون ۽ ماڻهن لاءِ فائديمند آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ