Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:33 - Hindu Sindhi Bible

33 جڏهن تہ پرڻيل ماڻهوءَ کي سنسار جي ڳالهين جي بہ چنتا رهي ٿي تہ هو ڪيئن پنهنجي پتنيءَ کي راضي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 پر جيڪو پرڻيل آهي سو دنيا جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪيئن پنهنجي زال کي راضي رکان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 جڏهن تہ پرڻيل ماڻهوءَ کي دنيا جي ڳالهين جو بہ فڪر رهي ٿو تہ هو ڪيئن پنهنجي زال کي راضي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 پر پرڻيل کي دنيا جي ڳالھين جو فڪر رھي ٿو تہ ھو ڪيئن پنھنجي زال کي راضي ڪري، تنھنڪري ھو ٻہ⁠دليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:33
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘


ٽئين چيس تہ ’مون نئين شادي ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ ڪونہ اچي سگھندس.‘


مزدور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو رڳو مزدور آهي ۽ کيس رڍن جي ڪا چنتا ڪانہ آهي.


هر پتي پنهنجي پتنيءَ جو حق ادا ڪري ۽ ساڳيءَ طرح هر پتني بہ پنهنجي پتيءَ جو.


منهنجي خواهش اها آهي تہ اوهين سنساري چنتائن کان آزاد رهو. اڻ‌پرڻيل ماڻهوءَ کي پرڀو يسوع جي ڳالهين جي چنتا رهي ٿي تہ هو ڪهڙيءَ طرح پرڀو يسوع کي راضي رکي.


سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري ناري پرڀو يسوع جي ڳالهين جي چنتا ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن شرير ۽ آتما جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پوِتر رهي. جڏهن تہ پرڻيل ناريءَ کي سنساري چنتا بہ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن پتيءَ کي راضي رکي.


اي پتيؤ! پنهنجين پتنين سان پيار ڪريو، انهن ڏانهن پنهنجي دل کٽي نہ ڪريو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مائٽن ۽ خاص ڪري پنهنجي گھر ٻار جي سار سنڀال نہ ٿو ڪري، تہ اهو وشواس کان انڪاري ٿيو ۽ انهيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آهي جنهن جو ڪو وشواس ڪونهي.


اي پتيؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين پتنين سان ڏاهپ سان هلو. ناري ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس مان ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين جيون جي وردان ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون پرارٿنائون رڪجي نہ وينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ