Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:23 - Hindu Sindhi Bible

23 مُلهہ ڏيئي اوهين خريد ڪيا ويا آهيو، سو ڪنهن انسان جا غلام نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 اوهين ملهہ ڳڌل آهيو، ماڻهن جا غلام نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 مُلهہ ڏيئي اوهين خريد ڪيا ويا آهيو، سو ڪنهن انسان جا غلام نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 اوھين تہ مُلھہ ورتل آھيو، سو ماڻھن جا غلام نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان پريم تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين ايشور ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پوِتر آتما اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو ايشور جي انهيءَ منڊليءَ کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي پٽ جي رت سان خريد ڪئي آهي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي شرير سان ايشور جي جوت ظاهر ڪريو.


ختني جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي يسوع مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پوِتر ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون ڀڄن ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي ايشور جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ