Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:2 - Hindu Sindhi Bible

2 پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ پتي پنهنجي پتنيءَ سان رهي ۽ هر هڪ پتني پنهنجي پتيءَ سان رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 پر متان زناڪاريون ٿين، تنهنڪري ڀلي تہ هرڪو مرد ۽ هرڪا زال شادي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ مڙس پنهنجيءَ زال سان رهي ۽ هر هڪ زال پنهنجي مڙس سان رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري گھڻي آھي، سو بلاشڪ ھر ڪنھن مرد کي پنھنجي زال ھجي ۽ ھر ڪنھن زال کي پنھنجو مڙس ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي زنا جي ڏوهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو هن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ پوءِ جيڪو انهيءَ طلاق ڏنل ناريءَ سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“


سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو هر پاپ، جيڪو ماڻهو ڪري ٿو سو شرير کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنهنجي شرير جو پاپي آهي.


هاڻي جن ڳالهين بابت اوهان لکي پڇيو آهي، تن مان هڪڙي ڳالهہ اها هئي تہ ”مرد لاءِ چڱو آهي تہ ناريءَ کي هٿ بہ نہ لائي.“


هر پتي پنهنجي پتنيءَ جو حق ادا ڪري ۽ ساڳيءَ طرح هر پتني بہ پنهنجي پتيءَ جو.


پر جيڪڏهن ماڻهو پاڻ کي وس ۾ رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇاڪاڻ تہ جنسي جذبات ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي.


سو پتين کي بہ پنهنجين پتنين سان اهڙيءَ طرح پيار ڪرڻ کپي، جهڙيءَ طرح هو پنهنجن شريرن سان ڪن ٿا. جيڪو پنهنجي پتنيءَ سان پيار ڪري ٿو سو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو.


اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ پتيءَ کي پنهنجي پتنيءَ سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ پتنيءَ کي بہ پنهنجي پتيءَ جو ادب ڪرڻ گھرجي.


اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي شرير کي پوِتر ۽ مانواري نموني ۾ وس هيٺ رکڻ سکي،


اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون ايشور انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو وشواس رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ