Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:17 - Hindu Sindhi Bible

17 آءٌ وشواسين جي سڀني منڊلين کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ ايشور جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت پرڀو يسوع جي طرفان مقرر ڪيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 رڳو جيئن خداوند هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو حصو ورهائي ڏنو آهي، ۽ جيئن خدا هر هڪ کي سڏيو آهي، تيئن اهو هلي. ۽ اهو قانون آئون سڀني ڪليسيائن جي لاءِ مقرر ڪري ٿو ڇڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 آءٌ سڀني ڪليسيائن کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت خداوند عيسيٰ جي طرفان مقرر ڪيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:17
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ ڪي سبب آهن جو ماڻهو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي نامرد آهن، ڪن کي ماڻهن نامرد ڪيو آهي ۽ ڪي آڪاش جي راڄ جي لاءِ پنهنجي شرير واري خواهش کي مارين ٿا. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“


اوهين ڪنهن جي بہ ڀَٽڪڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا ايشور جي منڊلي.


جيڪڏهن ڪو انهيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي ناريءَ جو پرارٿنا ڪرڻ وارو دستور نہ اسان جو آهي نڪي ايشور جي منڊلين جو.“


جيڪڏهن ڪو بکايل هجي تہ ڀلي پنهنجي گھر کائي، متان اوهان جو گڏ ٿيڻ پاپي هئڻ جي فيصلي جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آءٌ ايندس تڏهن اچي ٺيڪ ڪندس.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن وَ شانتيءَ جو ايشور آهي. مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سڀني منڊلين ۾ هي دستور آهي تہ


باقي رهي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ چندي جي ڳالهہ، جنهن بابت آءٌ اوهان کي ساڳي هدايت ڪريان ٿو، جيڪا مون گلتيا صوبي جي وشواسي منڊلين کي ڪئي هئي تہ


انهيءَ سبب مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جيڪو پرڀو يسوع ۾ منهنجو پيارو ۽ وفادار پٽ آهي. هو اوهان کي مسيح ۾ منهنجي هلت چلت جا اهي نمونا ياد ڏياريندو، جهڙيءَ طرح آءٌ هر هنڌ هر وشواسي منڊليءَ ۾ سکيا ڏيان ٿو.


سو جيڪڏهن ايشور ڪنهن کي ختنو ٿيل جي حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو ختني جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏهن ايشور ڪنهن کي ختني کان سواءِ واري حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو ختنو نہ ڪرائي.


مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪو جنهن حالت ۾ سڏيو ويو آهي، سو ايشور جي آڏو ساڳيءَ حالت ۾ رهي.


تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون وانگر هجن. پر هر ڪنهن ماڻهوءَ کي ايشور کان پنهنجو پنهنجو وردان مليل آهي، ڪنهن کي ڪهڙو تہ ڪنهن کي ڪهڙو.


اهڙين ٻين ڳالهين کان علاوہ وشواسين جي سڀني منڊلين جي ڳڻتي هميشہ مون تي بار وانگر ٿي رهي.


هن سان گڏ اسين انهيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنهن جي ساراهہ خوشخبري ڦهلائڻ جي ڪري وشواسين جي سڀني منڊلين ۾ ڪئي وڃي ٿي.


ان وقت يهوديہ صوبي ۾ جيڪي مسيح جون منڊليون هيون، تن منهنجي شڪل بہ نہ ڏٺي هئي.


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ايشور جي انهن منڊلين جهڙا ٿي پيا، جيڪي يهوديہ صوبي ۾ يسوع مسيح ۾ آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهان بہ پنهنجي هم‌وطن ماڻهن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جهڙيون انهن منڊلين پنهنجي هم‌وطن يهودين کان سٺيون هيون.


تنهنڪري اسين پاڻ ايشور جي ٻين منڊلين ۾ اوهان بابت فخر ٿا ڪريون تہ اوهين ڪيڏي نہ ثابت قدميءَ سان پنهنجي وشواس تي قائم آهيو، توڙي جو ظلم ۽ تڪليفون پيا سهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ