Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 7:14 - Hindu Sindhi Bible

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ وشواسي پتنيءَ جي ڪري غير وشواسي پتي پوِتر ٿئي ٿو ۽ وشواسي پتيءَ جي ڪري غير وشواسي پتني پوِتر ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار اپوِتر هجن ها، پر هاڻي اهي پوِتر آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ تہ جيڪو مڙس ٻئي مذهب جو آهي سو زال جي ڪري پاڪ ٿو ٿئي، ۽ جيڪا زال ٻئي مذهب جي آهي سا مسيحي مڙس جي ڪري پاڪ ٿي ٿئي. نہ تہ جيڪر اوهان جا ٻار ناپاڪ ٿي پون، پر هاڻ اُهي پاڪ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايمان واري زال جي ڪري غير ايمان وارو مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ايمان واري مڙس جي ڪري غير ايمان واري زال پاڪ ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار پليت هجن ها، پر هاڻي اهي پاڪ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ڇالاءِ⁠جو ديندار زال جي ڪري بي⁠دين مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ديندار مڙس جي ڪري بي⁠دين زال پاڪ ٿئي ٿي، ⁠نہ⁠تہ جيڪر اوھان جا ٻار پليت ھجن ھا، پر ھاڻي اھي پاڪ آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 7:14
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پطرس انهن ماڻهن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي هو تيار ٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ يافا مان ڪي وشواسي بہ هن سان گڏ هليا.


ابرهام ايشور جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس پيڙهي بہ چونڊيل آهي. هائو، ايشور کي ڏنل دان جو پهريون چاڻو پوِتر قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پوِتر ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون.


يا جيڪڏهن ڪنهن وشواسي ڀيڻ جو پتي غير وشواسي هجي ۽ اهو ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اهو ڇڏڻ نہ گھرجي.


ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ايشور جي فرمان ۽ ماڻهن جي پرارٿنا جي ڪري پوِتر ٿي پوي ٿو.


پوِتر ماڻهن لاءِ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جيڪي اپوِتر ۽ وشواس نہ آڻيندڙ آهن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پوِتر ناهي. حقيقت ۾ انهن جو ذهن توڙي ضمير ٻئي اپوِتر آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ