Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 6:3 - Hindu Sindhi Bible

3 ڇا اوهين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين دوتن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ هن سنسار جا معاملا اسين پاڻ ڇو نہ نبيريون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اوهين ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تڏهن دنياوي معاملا ڇو نہ فيصل ڪريون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ڇا اوهين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ هن دنيا جا معاملا اسين پاڻ ڇو نہ نبيريون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ڇا اوھين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ ھن دنيا جا معاملا ڇو نہ فيصل ڪريون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 6:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس دوتن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن جيون جي چنتائن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو منش‌پتر جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.


جيڪي ڪانڊيرن واري زمين ۾ ڪريا سا زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي سنديش ٻڌن تہ ٿا پر هلندي هلندي جيون جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي وس هيٺ رهو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين پاپ جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن ايشور جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اسان جا شرير مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنهن وئشيا جي شرير جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، هرگز نہ.


ڇا اوهين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو وئشيا سان ميلاپ ڪري ٿو، سو انهيءَ سان گڏجي هڪ شرير ٿي پوي ٿو؟ اهو پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”اهي ٻئي گڏجي هڪ شرير ٿي ويندا.“


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو شرير پوِتر آتما جو گھر آهي؟ اها پوِتر آتما جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي سا ايشور اوهان کي بخشي آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،


تنهنڪري جيڪڏهن اوهان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ سنسار جا معاملا آهن تہ انهن فيصلن لاءِ اوهين اهڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي منڊليءَ جي نظر ۾ نيچ آهن؟


ڪوبہ سپاهي پنهنجي فرض جي ادائگيءَ دوران پاڻ کي سنسار جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انهيءَ لاءِ تہ جنهن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آهي تنهن کي خوش ڪري.


ڇاڪاڻ تہ ديماس هن سنسار جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.


انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ ايشور انهن دوتن کي بہ نہ بخشيو جن پاپ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.


اهڙيءَ طرح جن دوتن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي ايشور ابناسي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ مهان ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ