Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 6:1 - Hindu Sindhi Bible

1 ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي جو اوهان مان ڪنهن جو ٻئي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪو قانوني معاملو آهي تہ فيصلي لاءِ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن وٽ نہ، پر غير وشواسين جي عدالت ۾ وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اوهان مان ڪنهن کي اهڙي همت آهي ڇا تہ جي ٻئي ڪنهن سان معاملو هجيس تہ فيصلي جي لاءِ پاڪ ٿيلن وٽ نہ، پر بي دينن وٽ وڃي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي جو اوهان مان ڪنهن جو ٻئي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪو قانوني معاملو آهي تہ فيصلي لاءِ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن وٽ نہ، پر غير ايمان وارن جي عدالت ۾ وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اوھان مان ڪنھن کي ايتري جرئت آھي ڇا جو ڪنھن ٻئي ڀاءُ سان ڪو معاملو ھجيس تہ فيصلي لاءِ ايمان وارن وٽ نہ، پر بي⁠دينن وٽ وڃي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 6:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ جيئن اوهان جو پتا، جيڪو آڪاش تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو.


تنهنڪري ديميتريُس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏهن ڪنهن تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ ڪورٽ کُلي پيئي آهي ۽ جج ويٺا آهن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن.


هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي يسوع مسيح ۾ پوِتر ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ پرڀو يسوع مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو پرڀو آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن وَ شانتيءَ جو ايشور آهي. مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سڀني منڊلين ۾ هي دستور آهي تہ


باقي رهي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ چندي جي ڳالهہ، جنهن بابت آءٌ اوهان کي ساڳي هدايت ڪريان ٿو، جيڪا مون گلتيا صوبي جي وشواسي منڊلين کي ڪئي هئي تہ


اوهين ڄاڻو ٿا تہ استفناس ۽ سندس گھر جا ڀاتي اخيا صوبي ۾ اهي پهريان ماڻهو آهن جن يسوع مسيح تي وشواس آندو ۽ پاڻ کي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ماڻهن جي سيوا لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ


جيڪي ڌاريا آهن تن بابت فيصلو ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ڌارين بابت ايشور پاڻ فيصلو ڏيندو. پر جيڪي بڇڙائي ڪندڙ اوهان منجھہ آهن، تن جي خلاف فيصلو ڏيڻ سان اوهان جو واسطو نہ آهي ڇا؟ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اوهين پنهنجي ٽولي مان اهڙي بڇڙي ماڻهوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“


آءٌ اوهان کي احساس ٿو ڏياريان تہ هي ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي. ڇا اوهان ۾ ڪوبہ اهڙو سياڻو ڪونهي جيڪو اوهان ڀائرن ڀينرن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ