Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 5:7 - Hindu Sindhi Bible

7 پنهنجي پاڻ مان خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پوِتر بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو فصح جي تهوار وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ ٻليدان ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جيئن تہ اوهين بي خمير آهيو، پراڻو خمير ڪڍي ڦٽو ڪريو، تہ نئون تازو ڳوهيل اٽو ٿي پئو. ڇالاءِ جو اسان جو فسح بہ قربان ٿي ويو آهي، يعني مسيح.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پنهنجي پاڻ مان خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پاڪ بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو عيد فصح وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ قربان ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پراڻو خميرو ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوھين نج اٽو بڻجي پئو. سچ⁠پچ تہ اوھين بي⁠خميرا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اسان جي عيد فصح جو گھيٽو يعني مسيح قربان ٿي ويو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 5:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع انهن کي هڪڙو ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آڪاش جو راڄ خمير مثل آهي، جيڪو ڪنهن ناريءَ کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“


بي‌خميري روٽيءَ واري تهوار جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن فصح جي تهوار جي ٻليدان لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن چيلن يسوع کان پڇيو تہ ”اوهين فصح جي تهوار واري رسوئي ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“


ٻئي ڏينهن تي يوحنا يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي ايشور جو گھيٽڙو آهي، جيڪو سنسار جا پاپ کڻي وڃي ٿو.


تہ هن يسوع کي لنگھندي ڏٺو. تڏهن يسوع ڏانهن نهاري چيائين تہ ”ڏسو، اهو اٿوَ ايشور جو گھيٽڙو.“


اهو فصح جي تهوار جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ منجھند جو وقت هو. پلاطس انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اوهان جو راجا.“


ايشور يسوع کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي ٻليدان جي ڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. ايشور ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي ايشور بردباري ڪندي ماڻهن جي پاپن کي درگذر ٿي ڪيو،


جيئن تہ روٽي هڪڙي آهي، تيئن جيتوڻيڪ اسين گھڻا آهيون تہ بہ هڪڙو شرير آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀيئي انهيءَ هڪڙيءَ روٽيءَ ۾ شامل ٿا ٿيون.


اها سکيا هي آهي تہ اوهين پنهنجي پراڻي انساني فطرت جيڪا برين خواهشن جي دوکي سبب بگڙندي ٿي وڃي، تنهن کي سندس اڳوڻي هلت چلت سميت لاهي ڇڏيو


اهي وڏي آواز سان چئي رهيا هئا تہ ”گھيٽڙو جيڪو ڪُٺو ويو آهي، سو ئي شڪتي، دولت، ڏاهپ، طاقت، مان‌سمان، مهانتا ۽ مهما جي لائق آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ