Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 5:12 - Hindu Sindhi Bible

12-13 جيڪي ڌاريا آهن تن بابت فيصلو ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ڌارين بابت ايشور پاڻ فيصلو ڏيندو. پر جيڪي بڇڙائي ڪندڙ اوهان منجھہ آهن، تن جي خلاف فيصلو ڏيڻ سان اوهان جو واسطو نہ آهي ڇا؟ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اوهين پنهنجي ٽولي مان اهڙي بڇڙي ماڻهوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ تہ جيڪي ڌاريا آهن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ائين نہ آهي ڇا تہ اوهين انهن تي فتويٰ ڏيندا جي پنهنجا آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12-13 جيڪي ڌاريا آهن تن بابت فيصلو ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ڌارين بابت خدا پاڻ فيصلو ڏيندو. پر جيڪي بڇڙائي ڪندڙ اوهان منجھہ آهن، تن جي خلاف فتويٰ ڏيڻ سان اوهان جو واسطو نہ آهي ڇا؟ جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اوهين پنهنجي ٽولي مان اهڙي بڇڙي ماڻهوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جيڪي ڌاريا آھن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منھنجو ڪھڙو واسطو؟ پر اوھين رڳو پنھنجن مان بڇڙائي ڪندڙ تي فتويٰ ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 5:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن کي چيو تہ ”اوهان کي تہ ايشور جي راڄ جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آهي. پر جيڪي منهنجا پوئلڳ نہ آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون،


پر يسوع کيس چيو تہ ”ميان! مون کي اوهان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنهن امين مقرر ڪيو آهي؟“


يسوع وراڻيو تہ ”منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي. جيڪڏهن اهو هن سنسار جو هجي ها تہ جيڪر منهنجا سيواداري منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي.“


جن اڃا وشواس نہ آندو آهي، تن سان هر هڪ موقعي جو فائدو وٺندي ڏاهپ سان هلت ڪندا رهو.


انهيءَ طرح اوهين ڪنهن بہ شيءِ جا محتاج نہ رهندا ۽ اوهان جي روزاني هلت چلت جي ڪري منڊليءَ کان ٻاهر وارن سان اوهان جو رويو بهتر رهندو.


انهيءَ کان علاوہ جيڪي منڊليءَ کان ٻاهر آهن، تن ۾ بہ هو نيڪ نام هجي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڦٽڪار هيٺ اچي ۽ شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ