Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 5:11 - Hindu Sindhi Bible

11 دراصل منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو پاڻ کي وشواسي چوي پر هجي زناڪار يا لوڀي يا بتن جو پوجاري يا بدزبان يا شرابي يا دغاباز، تہ انهيءَ سان سنگت نہ رکجو، بلڪ اهڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 پر هاڻي آئون اوهان کي لکان ٿو تہ جيڪي ڀائر ٿا سڏائين، تن مان جيڪڏهن ڪو زناڪار، يا لالچي، يا بت پرست، يا گلاخور، يا شرابي، يا ظالم هجي تہ انهي سان صحبت نہ رکو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ سان گڏ کائو بہ نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 دراصل منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ايمان وارو چوي پر هجي زناڪار يا لالچي يا بت‌پرست يا بدزبان يا شرابي يا دغاباز، تہ انهيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اهڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 دراصل مون اوھان ڏانھن اھو لکيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ايمان آڻيندڙ سڏائي پر ھجي زناڪار، يا لالچي يا بت⁠پرست يا گاريل، يا شرابي يا دغاباز، تہ انھيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اھڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 5:11
47 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن هو انهن کي انڪار ڪري تہ منڊليءَ کي ٻڌايو ۽ جيڪڏهن منڊليءَ کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ هن کي غير وشواسين ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جهڙو ڪري سمجھو.“


مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين پنهنجي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو، پر ان جي اندر پيل شيون ڏاڍائيءَ ۽ لوڀ سان حاصل ڪيل آهن.


فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ’اي ايشور! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بي‌انصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان.


”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن جيون جي چنتائن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو منش‌پتر جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.


هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ وشواسي اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! پرڀو يسوع پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ درشن ڏنو هو، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پوِتر آتما سان ڀرجي وڃين.“


اهڙيءَ طرح سهڻي ڍنگ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي. سو اوهين نہ نشي ۾ مست ٿي بداخلاقيءَ ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت‌پرستيءَ ۾ ۽ نہ وري جھيڙي ۽ ساڙ ۾ هلو.


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جيڪا سکيا اوهان کي ملي آهي تنهن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رهجو.


تنهنڪري اي پريميؤ! بتن جي پوجا کان ڀڄو.


هر ڪو ٻئي جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي رسوئي کائي ٿو وٺي ۽ ائين هڪڙو بکايل رهجي وڃي ٿو تہ ٻيو کائي پيئي نشي ۾ چور ٿي پوي ٿو.


چور، لوڀي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا.


پر اٽلندو اوهين ڀائر ڀينر هڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو سو بہ غير وشواسين وٽ.


اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بتن جا پوجاري، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز،


باقي هِنن لاءِ پرڀو يسوع جو نہ، بلڪ منهنجو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن ڪنهن وشواسي ڀاءُ جي پتني غير وشواسي هجي ۽ اها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اها ڇڏڻ نہ گھرجي.


انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن ڪو غير وشواسي پتي يا پتني جدا ٿئي تہ جدا ٿيڻ ڏيوس. اهڙين حالتن ۾ وشواسي پتي يا پتني پابند نہ آهي. پر ڏسو، ايشور اوهان کي ميل ميلاپ سان رهڻ لاءِ سڏيو آهي.


مطلب تہ اوهان جي ڄاڻ جي ڪري ڪمزور سمجھہ وارو شخص، يعني اوهان جو اهو هم‌وشواسي برباد ٿي ويندو، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني.


ڳالهہ اها هئي جو هو غير يهودين سان کائيندو پيئندو هو، پر جڏهن يعقوب وٽان ڪي ماڻهو آيا تڏهن هو غير يهودين سان کائڻ پيئڻ ڇڏڻ لڳو، بلڪ انهن کان ڌار ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن ماڻهن کان ڊنو ٿي جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندا هئا.


مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بي‌احتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت دل سان پرڀوءَ جي مهما ۾ ڳائيندي وڄائيندي پوِتر آتما سان ڀرپور ٿيندا وڃو.


ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بتن جي پوجاريءَ جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ ايشور جي راڄ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.


تنهنڪري اوهين پنهنجين سنساري عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، اپوِترتائي، شهوت‌پرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بتن جي پوجا جي برابر آهي.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو اسان جي هن خط ۾ لکيل هدايتن تي عمل نہ ڪري تہ انهيءَ کي ڌيان ۾ رکو ۽ ساڻس واسطو نہ رکو، تہ جيئن شرمسار ٿئي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ اوهين هر انهيءَ وشواسيءَ کان پاسو ڪريو، جيڪو اسان جي سيکاريل روايت موجب جيون نہ ٿو گذاري، اٽلندو اجايو وقت ٿو وڃائي.


هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ نماڻو هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي.


عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻ‌بڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ ڌرمچاريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.


جيڪڏهن ڪو اوهان وٽ اچي اها سکيا نہ ڏئي تہ اهڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏجو، نڪي کيس نمسڪار ڪجو.


پر مون کي اوهان کان ڪجھہ شڪايتون آهن تہ اوهان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بلعام جي سکيا تي عمل ڪن ٿا، جنهن راجا بلق کي سيکاريو ٿي تہ بني اسرائيل کي ڪيئن ڀَٽڪائي جو اهي بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائين ۽ زنا ڪن.


پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ ناري ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنتياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي داسن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائڻ جي سکيا ڏيئي ڀَٽڪائي ٿي.


پر جيڪي ڊڄڻا، وشواس کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بتن جا پوجاري ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بتن جا پوجاري، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ