Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 4:4 - Hindu Sindhi Bible

4 ڇاڪاڻ تہ منهنجو ضمير مون کي ڪا ڦٽڪار نہ ٿو ڪري. پر اهو مون کي بي‌قصور قرار ڏنو وڃڻ لاءِ ڪافي نہ آهي. مون کي جاچڻ وارو تہ خود پرڀو يسوع آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو آئون پنهنجي برخلاف ڪي بہ ڪين ٿو ڄاڻان، تڏهن بہ انهي ڪري آئون راستباز نٿو ٺهرجان. پر منهنجو جاچيندڙ خداوند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ڇاڪاڻ تہ منهنجو ضمير مون کي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. پر اهو مون کي بي‌قصور قرار ڏنو وڃڻ لاءِ ڪافي نہ آهي. مون کي جاچڻ وارو تہ خود خداوند عيسيٰ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو منھنجو ضمير مون تي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. تنھن ھوندي بہ ان مان اھو ثابت نہ آھي تہ آءٌ ڪو سچ⁠پچ بي⁠ڏوھي آھيان. مون کي جاچڻ وارو تہ خداوند ئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 4:4
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! اوهان کي سڀني ڳالهين جي سڌ آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ يسوع چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.


پولس پئنچائت وارن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنهنجو سڄو جيون ايشور جي شرڻ ۾ پوري نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاريو آهي.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور سندس نيم ٻڌڻ وارن کي نہ، پر سندس نيم تي عمل ڪرڻ وارن کي ئي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


جيڪڏهن ابرهام پنهنجي عملن جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻيو هجي ها تہ پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ها. پر ايشور جي شرڻ ۾ پاڻ تي فخر ڪرڻ جو وٽس ڪو سبب نہ هو،


سو منهنجي لاءِ اها ڳالهہ خسيس آهي جو اوهين يا ڪا انساني ڪورٽ منهنجي جاچ ڪري، بلڪ آءٌ پاڻ بہ پنهنجي جاچ نہ ٿو ڪريان،


تنهنڪري پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن ايشور جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي ساراهہ ڪئي ويندي.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ ايشور کان مليل پوِترتائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان جيون گذاريو آهي. اهڙو ورتاءُ اسان سنسار ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين سنساري ڏاهپ موجب نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا موجب ڪيو آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن شرير ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ