Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 4:1 - Hindu Sindhi Bible

1 سو ماڻهن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا سيوادار سمجھن، جن کي ايشور جا ڀيد ظاهر ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 گهرجي تہ ماڻهو اسان کي مسيح جا خادم ۽ خدا جي رازن جا مختيار سمجهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سو ماڻهن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز ظاهر ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ماڻھن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز سونپيا ويا آھن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 4:1
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آڪاش جي راڄ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ،


يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي کاڌو پيتو پوري وقت تي ڏئي؟


هن انهن کي چيو تہ ”اوهان کي تہ ايشور جي راڄ جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آهي. پر جيڪي منهنجا پوئلڳ نہ آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون،


جهڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اهي ڳالهيون پهچايون، تهڙيءَ طرح هنن بہ هي ڳالهيون انهن کان ٻڌي لکيون، جيڪي شروع کان ئي هنن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد هئا ۽ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار پڻ ڪيائون.


پرڀوءَ جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


تنهن تي هن چيو تہ ”اوهان کي تہ ايشور جي راڄ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آهي تہ اهي نهاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو ڀيد آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو ڀيد هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين ايشور ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.


جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري.


اسين تہ ايشور جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا ايشور سنسار جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.


ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ سيواداري آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي وشواس آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح پرميشور کيس ڏنو آهي.


جڏهن هو اسان کي گھٽ وڌ ڳالهائين ٿا تہ اسين نرميءَ سان منٿون ڪندي ساڻن ڳالهايون ٿا. هن وقت تائين اسين سنسار جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جو ٻُهر پيا ليکجون.


هاڻ جنهن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آهي تنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ايماندار هجي.


ڇا هو ئي مسيح جا سيوڪ آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر سيوڪ آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.


پر جيڪڏهن آءٌ فخر ڪرڻ گھران، تہ بہ مورک نہ هوندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ حقيقت بيان ڪريان ٿو. پر آءٌ انهيءَ ڪري پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻهو، جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنهن کان وڌيڪ سمجھي.


جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر يسوع مسيح بابت پرچار ڪريون ٿا تہ هو ئي پرڀو آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اسين اوهان جا سيوڪ آهيون.


بلڪ اسين هر حالت کي منهن ڏيڻ سان پاڻ کي ايشور جا سيوڪ ٿي ڏيکاريون ٿا، جهڙوڪ: ڏاڍي صبر سان، مصيبتن سان، ضرورتن سان، تنگ حالتن سان،


پنهنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاهر ڪيو، جيڪو هن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجي خوشيءَ سان طئي ڪري ڇڏيو هو.


منهنجي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو تہ ڳالهائڻ وقت مون کي شڪتيءَ وارا لفظ ڏنا وڃن، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو ڀيد دليريءَ سان ظاهر ڪندو رهان.


اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو ڪريان تہ انهن جي دلين ۾ همت پيدا ٿئي ۽ اهي پيار سان پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهي پوري اعتماد سان سمجھہ واري اهڙي دولت حاصل ڪن جنهن سان ايشور جي ڀيد، يعني مسيح کي ڄاڻين،


انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو جو ايشور اسان لاءِ سنديش ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ ڀيد کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان.


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


هو تازو وشواس آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي شيطان وانگر پاپي قرار ڏنو وڃي.


اهي وشواس وارين ظاهر ڪيل ڳالهين کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ سنڀاليندڙ کي جيئن تہ منڊليءَ ۾ ايشور جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي.


هر ماڻهوءَ کي جيڪو وردان مليو آهي سو انهيءَ وردان کي، ايشور جي ڪرپا جي مختلف وردانن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي سيوا لاءِ ڪم آڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ