Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 3:5 - Hindu Sindhi Bible

5 ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ سيواداري آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي وشواس آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح پرميشور کيس ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اپلوس ڪير آهي؟ ۽ پولس ڪير آهي؟ اُهي خادم آهن جن جي وسيلي اوهان ايمان آندو، ۽ جيئن هر ڪنهن کي خدا برڪت ڏني تيئن هن خدمت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ خدمتگار آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي ايمان آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 تہ پوءِ اپلوس ڪھڙي شيءِ آھي؟ ۽ پولس ڇا آھي؟ اھي تہ خدمتگار آھن، جن جي وسيلي اوھان ايمان آندو. ھر ڪو اھڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جھڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 3:5
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن هر هڪ کي سندس قابليت موجب رقم ڏني. انهن مان هڪ کي پنج هزار سون جا سڪا ڏنائين، ٻئي کي ٻہ هزار ۽ ٽئين کي هڪ هزار ڏيئي پاڻ مسافريءَ تي هليو ويو.


جهڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اهي ڳالهيون پهچايون، تهڙيءَ طرح هنن بہ هي ڳالهيون انهن کان ٻڌي لکيون، جيڪي شروع کان ئي هنن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد هئا ۽ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار پڻ ڪيائون.


تنهن تي يوحنا جواب ڏنو تہ ”ڪوبہ ماڻهو تيستائين ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي، جيستائين کيس ايشور وٽان نہ ڏنو وڃي.


انهن ڏينهن ۾ اپلوس نالي هڪڙو يهودي جيڪو اسڪندريہ جو رهاڪو هو سو اِفسس ۾ آيو. هو هڪ سٺو تقرير ڪندڙ هو ۽ کيس پوِتر شاستر جي گھڻي ڄاڻ هئي.


اپلوس اڃا اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ ئي هو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پهتو ۽ اتي ڪن وشواسين سان مليو.


آءٌ يسوع مسيح جو سيوڪ ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پوِتر آتما جي مخصوص ۽ پوِتر ڪرڻ سان ايشور جي آڏو دان جي روپ ۾ قبول پون.


ايشور منڊليءَ ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت، ٻيا ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ٽيان سکيا ڏيندڙ، پوءِ چمتڪار ڪندڙ، پوءِ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.


هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو.


سو ايشور جي ڪرپا جيڪا هن مون کي بخشي آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري.


پوءِ ڀلي اهو پولس هجي توڙي اپلوس يا پطرس، يا وري سنسار، يا جيون، يا موت هجي، يا وري حال يا مستقبل هجي. اِهي سڀيئي اوهان جا آهن.


سو پوکيندڙ ۽ پاڻي ڏيندڙ ڪا شيءِ نہ آهن، پر وڌائڻ وارو يعني ايشور ئي سڀ ڪجھہ آهي.


جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان پرچار ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي لاڀ جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي،


ڇا هو ئي مسيح جا سيوڪ آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر سيوڪ آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.


اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي سيوا جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر جيوت ايشور جي آتما سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.


اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين ٻڌل وچن جا سيواداري هئڻ جي لائق ڪيو. اهو وچن لکيل نيم جو نہ پر پوِتر آتما جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل نيم جو اثر موت آهي جڏهن تہ پوِتر آتما جيون ڏئي ٿي.


سو اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن کي ايشور جي ديا سان هيءَ سيوا ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون.


جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر يسوع مسيح بابت پرچار ڪريون ٿا تہ هو ئي پرڀو آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اسين اوهان جا سيوڪ آهيون.


اسين جن ۾ اهو خزانو رکيو ويو آهي، سي مٽيءَ جي ٿانوَن وانگر آهيون، تہ جيئن ظاهر ٿئي تہ اها تمام گھڻي شڪتي اسان جي نہ پر ايشور جي آهي.


هي سڀ ڪجھہ ايشور جي طرفان آهي، جنهن مسيح جي وسيلي اسان جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرايو ۽ اسان جي حوالي اها سيوا ڪيائين تہ ٻين جو ساڻس ميل ميلاپ ڪرايون.


اسين جيڪي ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ ايشور جي ڪرپا جيڪا اوهان تي ٿي آهي سا اجائي نہ وڃايو،


بلڪ اسين هر حالت کي منهن ڏيڻ سان پاڻ کي ايشور جا سيوڪ ٿي ڏيکاريون ٿا، جهڙوڪ: ڏاڍي صبر سان، مصيبتن سان، ضرورتن سان، تنگ حالتن سان،


ايشور جي ڪرپا جي انهيءَ بخشش سان، جيڪا سندس شڪتيءَ جي اثر ڪري مون کي ملي هئي، آءٌ انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ بڻايو ويس.


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو وشواس انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار آڪاش هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ ٿيو آهيان.


ايشور مون کي منڊليءَ جو سيوڪ مقرر ڪري اها ذميواري ڏني آهي تہ آءٌ مسيح بابت ايشور جو سنديش اوهان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان.


اسان جو پرڀو يسوع مسيح، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي سيوا لاءِ مقرر ڪيو آهي.


هر ماڻهوءَ کي جيڪو وردان مليو آهي سو انهيءَ وردان کي، ايشور جي ڪرپا جي مختلف وردانن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي سيوا لاءِ ڪم آڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ