Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 3:3 - Hindu Sindhi Bible

3 جيئن تہ اوهان ۾ ساڙ ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا سنساري ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين شرير جي لحاظ کان جيون گذاريو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 هن ڪري جو اوهين اڃا جسماني آهيو، ڇو جو جڏهن اوهان ۾ حسد ۽ جهيڙو جهڳڙو آهي، تڏهن اوهين جسماني ناهيو ڇا، ۽ دنياوي ماڻهن وانگر نٿا هلو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيئن تہ اوهان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا دنياوي ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين جسماني طور زندگي گذاريو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 اوھين اڃا تائين دنياوي ماڻھن وانگر آھيو. جيئن تہ اوھان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آھي، سو اوھين جسماني نہ آھيو ڇا؟ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ ٿا ھلو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 3:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح سهڻي ڍنگ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي. سو اوهين نہ نشي ۾ مست ٿي بداخلاقيءَ ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت‌پرستيءَ ۾ ۽ نہ وري جھيڙي ۽ ساڙ ۾ هلو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.


آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چوان جو ڀيڻ خلوئيءَ جي گھر ۾ رهندڙن کان پوريءَ طرح خبر پيئي آهي تہ اوهان ڀائرن ڀينرن جا هڪٻئي سان جھيڙا جھڳڙا پيا هلن.


اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ آءٌ ٿورو گھڻو يقين بہ ڪريان ٿو تہ منڊليءَ جي گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ ڌڙابندي نظر اچي ٿي


جڏهن اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان،“ تہ پوءِ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ اوهين سنساري ماڻهن وانگر آهيو.


تنهن هوندي بہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏهن اتي اچان تہ متان جيئن آءٌ چاهيان ٿو تيئن اوهان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوهين نہ ٿا چاهيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آهي تہ متان اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا، ساڙ، ڪاوڙ، ڏڦيڙ، گھٽ وڌ ڳالهائڻ، گلائون، هٺ ۽ فساد هجن.


پر جيڪڏهن اوهين هڪٻئي کي چڪ هڻندا ۽ ڳڙڪائيندا ٿا وڃو تہ خبردار ٿجو، متان هڪٻئي کي چٽ ڪري سڀيئي برباد ٿي وڃو.


ڏس، اسين ڪنهن وقت مُورک، نافرمان، ڀَٽڪيل ۽ طرح طرح جي شرير وارين خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين دشمنيءَ ۽ ساڙ جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جتي ساڙ ۽ مطلب‌پرستي هوندي آهي، اتي جھيڙو جھڳڙو ۽ هر طرح جو برو ڪم بہ هوندو آهي.


اڳتي هو پنهنجو باقي جيون هن پاپي سنسار جي انساني خواهشن موجب نہ، پر ايشور جي مرضيءَ موجب گذاريندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ