Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 3:21 - Hindu Sindhi Bible

21 تنهنڪري ڪوبہ ڪنهن انسان تي فخر نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور ئي سڀ ڪجھہ اوهان کي ڏنو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تنهنڪري ڪوبہ انسان تي فخر نہ ڪري. ڇالاءِ جو سڀ شيون اوهان جون آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 تنهنڪري ڪوبہ ڪنهن انسان تي فخر نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ خدا ئي سڀ ڪجھہ اوهان کي ڏنو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 تنھنڪري انسان تي ڪوبہ فخر نہ ڪري، ڇالاءِ⁠جو سڀ شيون اوھان جون آھن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 3:21
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرهام ۽ سندس اولاد سان ايشور اهو وچن ڪيو هو تہ هو کين سنسار جو وارث بڻائيندو. پر اهو وچن انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابرهام نيم تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن وشواس آندو ۽ ائين ايشور ڏانهن سچار بڻايو ويو.


اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن.


هن تہ پنهنجو پٽ بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون هنن ڳالهين ۾ اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين اسان تي غور ڪندي هن چوڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آهي، تنهن کان ٻاهر نہ وڃو.“ پوءِ اوهان مان ڪو ٻٽاڪون هڻندي هڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي مخالفت نہ ڪندو.


هي سڀ ڪجھہ اوهان جي فائدي لاءِ آهي، تہ جيئن جيڪا ڪرپا گھڻن کان گھڻن ماڻهن تائين پهچي ٿي، تنهن جي وسيلي ايشور جي مهما لاءِ ماڻهن جي شڪر ادا ڪرڻ ۾ بہ واڌارو ٿيندو وڃي.


جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر يسوع مسيح بابت پرچار ڪريون ٿا تہ هو ئي پرڀو آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اسين اوهان جا سيوڪ آهيون.


اسين غم سهندي سهندي بہ هميشہ خوش ٿا رهون. غريب سمجھيا وڃون ٿا، تڏهن بہ گھڻن کي مالا مال ٿا ڪريون. سڃا سکڻا آهيون، تڏهن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آهي.


جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو سو هنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انهيءَ جو ايشور هوندس ۽ هو منهنجو ٻار هوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ