Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:6 - Hindu Sindhi Bible

6 تنهن کان پوءِ پنجن سون کان وڌيڪ وشواسين کي هڪ ئي وقت درشن ڏنائين، جن مان گھڻا اڃا تائين جيوت آهن، جڏهن تہ ڪجھہ مري ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تنهن کان پوءِ هڪڙي ئي وقت پنجن سون ڀائرن کان بہ گهڻن کي ڏيکاري ڏنائين، جن مان گهڻا اڃا تائين موجود آهن، پر ڪي سمهي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهن کان پوءِ پنجن سون کان وڌيڪ ايمان وارن کي هڪ ئي وقت ڏيکاري ڏنائين، جن مان گھڻا اڃا تائين جيئرا آهن، جڏهن تہ ڪجھہ مري ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 تنھن کان پوءِ ھڪ ئي وقت پنجن سون کان وڌيڪ ايمان وارن کي ڏيکاري ڏنائين، جن منجھان گھڻا اڃا تائين جيئرا آھن، جيتوڻيڪ ڪجھہ مري ويا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منهنجي چيلن کي وڃي ٻڌايو تہ هو گليل ڏانهن هلن. اتي هو مون کي ڏسندا.“


پر اوهين وڃو ۽ وڃي پطرس سميت يسوع جي ٻين چيلن کي چئو تہ ’يسوع اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اوهين هن کي اتي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي ٻڌايو هو.‘“


ايشور پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.


پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! هنن جي هن پاپ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.


تڏهن چئجي تہ جيڪي بہ مسيح تي وشواس رکندڙ مري چڪا آهن سي برباد ٿي ويا.


پر حقيقت اها آهي تہ مسيح مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، جيڪو سڀني مري ويلن مان پهريون ڦل آهي.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين چاهيون ٿا تہ جيڪي وشواسي قبر ۾ وڃي ستا آهن تن بابت اوهين اها ڄاڻ رکو تہ انهن جو ڇا ٿيندو، تہ جيئن انهن ماڻهن وانگر غمگين نہ ٿيو جن کي ڪا اميد ئي ڪانهي.


انهيءَ بابت اسين اوهان کي پرڀو يسوع جي فرمان موجب کولي ٻڌايون ٿا تہ سندس اچڻ وقت اسان مان جيڪي جيوت هوندا سي ڪنهن بہ طرح انهن کان اڳتي ڪين ٿي ويندا جيڪي قبر ۾ وڃي ستا آهن.


چوندا تہ ”انهيءَ يسوع تہ موٽي اچڻ جو وچن ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن سنسار جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ