Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:56 - Hindu Sindhi Bible

56 ڏسو، موت جو ڏنگ پاپ آهي ۽ پاپ جي شڪتي نيم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

56 موت جو ڏنگ آهي گناهہ، ۽ گناهہ جو زور آهي شريعت.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

56 ڏسو، موت جو ڏنگ گناهہ آهي ۽ گناهہ جي طاقت شريعت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

56 موت جو ڏنگ گناھہ ئي آھي ۽ گناھہ جي طاقت شريعت ئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:56
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن پاپن ۾ مرندا.“


اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن پاپن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن پاپن ۾ مرندا.“


ڳالهہ اها آهي تہ نيم تہ ايشور جو ڏمر پيدا ڪري ٿو، پر جتي نيم ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟


پر ڪرپا واري بخشش کي آدم جي نافرمانيءَ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. جيڪڏهن انهيءَ هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو مري ويا، تہ پوءِ ايشور جي ڪرپا ڪيڏي نہ وڌيڪ آهي، جڏهن سندس بخشش هڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي ڪرپا جي وسيلي گھڻن ئي ماڻهن لاءِ جھجھي انداز ۾ رکي ويئي آهي.


اهو سچ آهي تہ هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي وسيلي يعني آدم جي نافرمانيءَ جي ڪري موت انسان تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. پر هاڻ جن کي ڪرپا ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش جھجھي انداز ۾ ملي ٿي، سي هڪڙي ئي ماڻهوءَ يعني يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون جي حالت ۾ ڪيڏي نہ وڌيڪ حڪمراني ڪندا.


مطلب تہ موسيٰ جو نيم انهيءَ لاءِ آيو تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري پاپ وڌي. پر جتي پاپ گھڻو وڌيو اتي ايشور جي ڪرپا انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌي.


بيشڪ پاپ جو لاڀ موت آهي، جڏهن تہ ايشور اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي ڪرپا واري بخشش يعني امر جيون بخشي ٿو.


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ ايشور جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ