Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:54 - Hindu Sindhi Bible

54 پوءِ جڏهن ناس ٿيندڙ ۽ مرڻ وارو شرير ابناسي ۽ امر جيون واري پوشاڪ پهري چڪو هوندو، تڏهن پوِتر شاستر ۾ ڪيل هي وچن پورو ٿيندو تہ ”موت ناس ٿي ويو، مڪمل سوڀ ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

54 پر جڏهن هي فاني جسم بقا جي پوشاڪ ڍڪيندو، ۽ هي مرڻ وارو جسم هميشہ جي زندگيءَ واري پوشاڪ ڍڪيندو، تڏهن اُهو قول پورو ٿيندو جو لکيل آهي تہ ”موت فتح ۾ غرق ٿي ويو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

54 پوءِ جڏهن فاني ۽ مرڻ وارو جسم غير فاني ۽ دائمي زندگيءَ واري پوشاڪ پهري چڪو هوندو، تڏهن پاڪ ڪلام ۾ ڪيل هي قول پورو ٿيندو تہ ”موت نابود ٿي ويو، مڪمل فتح ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

54 تنھنڪري جڏھن فانيءَ کي غير فاني ۽ مرڻ واري کي دائمي پوشاڪ پھرائي ويندي، تڏھن اھو لکيل قول سچو ثابت ٿيندو تہ ”موت نابود ٿي ويو، فتح پوري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:54
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي وري ڪڏهن بہ مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اهي دوتن جهڙا هوندا. هائو، اهي ايشور جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي مئلن مان جيوت ڪيل هوندا.


هنن ابناسي ايشور کي مهانتا ڏيڻ جي بدران اهڙن بتن جي پوجا ڪئي جيڪي ناس ٿيندڙ انسانن، پکين، ريڙهيون پائيندڙن توڙي چوپاين جانورن جي صورت تي بڻايا ويا هئا.


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي مان، مهانتا ۽ ابناسي جيون جي تمنا رکندڙ آهن، تن کي ايشور امر جيون ڏيندو.


تنهنڪري اوهين پنهنجي هن ناس ٿيندڙ شرير ۾ پاپ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين پاپ وارين خواهشن جي وس هيٺ رهو.


هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ ايشور جي آتما موجود آهي، جنهن يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيوت ڪرڻ وارو اوهان جي ناس ٿيندڙ شريرن کي بہ پنهنجي انهيءَ آتما جي وسيلي جيوت ڪندو جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي.


هائو، اسين جيوت حالت ۾ يسوع جي خاطر هر وقت موت جي منهن ۾ ٿا رهون، تہ جيئن يسوع جو جيون بہ اسان جي ناس ٿيندڙ شرير ۾ ظاهر ٿئي.


جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ شرير کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آڪاشي گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي ناس ٿيندڙ شرير جيون ۾ بدلجي وڃي.


مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل، يعني مٿس وشواس رکندڙ سڀ سندس شڪتي ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس مهما ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي وشواس آندو آهي.


ان کان پوءِ موت ۽ مئلن جي سنسار کي ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو. اها باهہ جي ڍنڍ ٻيو موت آهي.


هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ