Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:42 - Hindu Sindhi Bible

42 اهو ئي حال آهي مئلن جي جيوت ٿي اٿڻ جو، يعني جيڪو شرير ناس ٿيڻ جي حالت ۾ پورجي ٿو سو ابناسي حالت ۾ جيوت ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 مُئلن جي قيامت جو بہ ساڳيو حال آهي. اُهو فنا جي حالت ۾ پوکجي ٿو، ۽ بقا جي حالت ۾ جيارجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

42 اهو ئي حال آهي مئلن جي جيئرو ٿي اٿڻ جو، يعني جيڪو جسم فاني حالت ۾ پورجي ٿو سو بقا واري حالت ۾ جيئرو ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 اھو ئي حال آھي مئلن جي جِي اٿڻ جو، يعني جيڪو جسم فنا جي حالت ۾ پورجي ٿو سو بقا جي حالت ۾ جيارجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:42
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ سچار پنهنجي پتا جي راڄ ۾ سج وانگر چمڪندا.“ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


يقين اٿم تہ تون منهنجي آتما کي آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي پوِتر داس کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.


دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ ايشور ڇا ڪندو، تنهنڪري هن مسيح جي وري جيوت ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪندي ائين چيو تہ مسيح نڪي آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏيو ويندو ۽ نہ وري سندس شرير ڳري سڙي ويندو.


هنن ابناسي ايشور کي مهانتا ڏيڻ جي بدران اهڙن بتن جي پوجا ڪئي جيڪي ناس ٿيندڙ انسانن، پکين، ريڙهيون پائيندڙن توڙي چوپاين جانورن جي صورت تي بڻايا ويا هئا.


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي مان، مهانتا ۽ ابناسي جيون جي تمنا رکندڙ آهن، تن کي ايشور امر جيون ڏيندو.


تہ ڪو وقت ايندو جڏهن رچنا کي بہ ناس ٿيڻ جي غلاميءَ کان ڇڏايو ويندو ۽ ايشور جي ٻارن جي جوت واري آزاديءَ ۾ شريڪ ڪيو ويندو.


سج جي جوت هڪڙي آهي تہ چنڊ جي وري ٻي ۽ تارن جي اڃا وري ٻي. هر هڪ تارو وري ٻئي تاري کان جوت ۾ جدا آهي.


جيڪو پنهنجي شريري فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انهيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پوِتر آتما جي لاءِ پوکي ٿو، سو پوِتر آتما مان امر جيون جو فصل لڻندو.


تہ اسين هڪ ابناسي، بي‌داغ ۽ امر ورثو حاصل ڪريون، جيڪو وشواسين لاءِ ايشور وٽ آڪاش تي رکيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ