Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:34 - Hindu Sindhi Bible

34 صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ پاپ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي ايشور جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 راستباز ٿيڻ لاءِ هوش ۾ اچو ۽ گناهہ نہ ڪريو، ڇالاءِ جو ڪن کي خدا جي ڪابہ خبر ڪانهي: آئون اوهان کي انهي لاءِ ٿو چوان تہ من شرم اچيوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ گناهہ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي خدا جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 نيڪيءَ جي خاطر جاڳي پئو ۽ گناھہ نہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪي خدا کي نہ ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ئي آءٌ چوان ٿو تہ اھا اوھان لاءِ شرم جي ڳالھہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:34
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ اوهين پوِتر شاستر ٿا ڄاڻو، نڪي ايشور جي شڪتي.


ٿوري وقت کان پوءِ يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري پاپ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“


انهيءَ ناريءَ وراڻيو تہ ”سوامي! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي پاپي نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري پاپ نہ ڪجانءِ.“


هاڻ اي يهوديؤ! آءٌ اوهان کان پڇان ٿو تہ اوهان کي اها ڳالهہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ ايشور مئلن کي وري جيوت ڪري اٿاري ٿو؟


جهڙيءَ طرح هنن ايشور کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح ايشور بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


اوهين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهيءَ ڪري جو اها گھڙي اچي پهتي آهي جو اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن وقت اسان پرڀو يسوع تي وشواس آندو هو تنهن وقت جي نسبت هاڻي اسان جي مڪمل مڪتي وڌيڪ ويجھو آهي.


آءٌ هي ڳالهيون اوهان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنهنجا پيارا ٻار سمجھي اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان.


آءٌ اوهان کي احساس ٿو ڏياريان تہ هي ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي. ڇا اوهان ۾ ڪوبہ اهڙو سياڻو ڪونهي جيڪو اوهان ڀائرن ڀينرن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟


پر سڀني ماڻهن کي اها ڄاڻ نہ آهي، ايتري قدر جو اسان وشواسين مان بہ اڃا تائين ڪن جي اها سوچ آهي تہ بتن جو وجود آهي. سو بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائڻ سان هو پاڻ کي انهن جي پوجا ۾ شامل سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير جي ڪمزوريءَ جي ڪري سندن سوچ اپوِتر ٿي پوي ٿي.


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جيوت ٿي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


يعني انهن قومن وانگر پنهنجو جيون شهوت‌پرستيءَ ۾ نہ گذاري، جيڪي ايشور کي نہ ٿيون ڄاڻين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ