Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:32 - Hindu Sindhi Bible

32 جيڪڏهن آءٌ رڳو هن ئي جيون لاءِ اِفسس شهر ۾ ڄڻ تہ جھنگلي جانورن سان وڙهيس تہ پوءِ مون کي ڪهڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏهن مئل جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇو تہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 جيڪڏهن آئون انسان وانگر افسس ۾ جانورن سان وڙهيس، تہ انهي مان مون کي ڪهڙو فائدو؟ جي مُئل جي نہ اُٿندا تہ اچو تہ کائون پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي تہ مري وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 جيڪڏهن آءٌ رڳو هن ئي زندگيءَ لاءِ اِفسس شهر ۾ ڄڻ تہ جھنگلي جانورن سان وڙهيس تہ پوءِ مون کي ڪهڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏهن مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇو تہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 جيڪڏھن آءٌ اِفسس ۾ جھنگلي جانورن سان انساني خواھش جي ڪري وڙھيس تہ پوءِ مون کي ڪھڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏھن مئل نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇوتہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:32
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پوءِ پاڻ کي چوندس تہ ٻيلي، مون وٽ ايترو تہ گھڻو مال آهي جو ڪيترائي سال پيو هلندو، سو آرام ڪريان، کاوان پيئان ۽ موجون ماڻيان.‘


جيڪڏهن ماڻهو کڻي سڄو سنسار هٿ ڪري، پر پنهنجي جان وڃائي يا انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏي تہ ڪهڙو فائدو ٿيندس؟


جڏهن اهي اِفسس شهر ۾ پهتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوءِ پاڻ يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو جتي يهودين سان بحث مباحثو ڪرڻ لڳو.


پوءِ موڪلائڻ وقت هن کين چيو تہ ”ايشور گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي هو سامونڊي جهاز تي چڙهي اِفسس مان روانو ٿيو.


اپلوس اڃا اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ ئي هو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پهتو ۽ اتي ڪن وشواسين سان مليو.


پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري ايشور پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”ايشور سچو نہ آهي، جو هو ڏمر پرگھٽ ڪري ٿو.“


اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پوِتر ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


في‌الحال پنتيڪُست جي تهوار تائين آءٌ هتي اِفسس ۾ رهندس،


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني جيون جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل اقرار نامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو.


انهن ڪوڙي سکيا ڏيندڙن جي فطرت بي‌عقل جانورن وانگر آهي، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. اهي ماڻهو جن ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهن تن جي باري ۾ گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين. جانورن وانگر اهي بہ ناس ٿي ويندا.


پر هي ماڻهو جن ڳالهين کي ڄاڻن ئي نہ ٿا، تن تي ڦٽڪار ٿا ڪن ۽ جن ڳالهين کي هو بي‌عقل جانورن وانگر فطري طور ٿا ڄاڻن، تن جي پٺيان لڳي پاڻ کي تباهہ ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ