Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:28 - Hindu Sindhi Bible

28 ڏسو، جڏهن ايشور سڀ ڪجھہ پٽ جي وس هيٺ ڪندو، تڏهن پٽ پنهنجو پاڻ ايشور جي وس هيٺ ٿي ويندو، جيڪو سڀ شيون پٽ جي وس هيٺ ڪري ٿو. ائين سڀني ۾ ايشور ئي سڀ ڪجھہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ جڏهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ٿي ويو، تڏهن فرزند پاڻ بہ اُنهي جي تابع ٿي ويندو، جنهن سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خدا سڀ ۾ سڀ ڪجهہ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 ڏسو، جڏهن خدا سڀ ڪجھہ فرزند جي وس هيٺ ڪندو، تڏهن فرزند پنهنجو پاڻ خدا جي وس هيٺ ٿي ويندو، جيڪو سڀ شيون فرزند جي وس هيٺ ڪري ٿو. ائين سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 ھاڻي جڏھن ھن ائين ڪيو آھي تہ پوءِ پٽ پنھنجو پاڻ خدا جي تابع ٿيندو. انھيءَ خدا سڀ شيون مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪيون تہ جيئن سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:28
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان مون کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ وڃي رهيو آهيان پر اوهان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏهن اوهان جو مون سان پيار هجي ها تہ جيڪر خوش ٿيو ها جو آءٌ پتا وٽ وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ پتا مون کان وڏو آهي.


هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، ناريءَ جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو ايشور آهي.


ڪم ڪرڻ جون مهارتون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر ايشور تہ هڪڙو ئي آهي، جيڪو سڀني ماڻهن کي طرح طرح جا ڪم ڪرڻ جون مهارتون بخشي ٿو.


جيڪڏهن مئل وري جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ مئلن جي حق ۾ بپتسما وٺندڙ ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن مئل واقعي ئي جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ انهن جي حق ۾ ماڻهن کي بپتسما ڇو ٿي ڏني وڃي؟


جڏهن تہ اوهين سڀيئي مسيح جا آهيو ۽ مسيح ايشور جو آهي.


جيڪا مسيح جو شرير آهي. مسيح سان ئي منڊليءَ جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.


هو پنهنجي انهيءَ شڪتيءَ سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس شرير کي بدلائي پنهنجي مهانتا واري شرير جي روپ جهڙو ڪندو.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو ختنو ڪيل آهي نہ وري ختنو نہ ڪيل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ