Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 15:15 - Hindu Sindhi Bible

15 پوءِ تہ اسين ايشور جي باري ۾ بہ ڪوڙا شاهد ٿي پياسين، ڇو تہ اسان شاهدي ڏني آهي تہ هن مسيح کي جيوت ڪيو. سو جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ مئل جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ايشور مسيح کي بہ جيوت ڪري نہ اٿاري ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 هائو، پوءِ اسين خدا جا ڪوڙا شاهد ثابت ٿيا آهيون؛ ڇالاءِ جو خدا جي بابت اسان شاهدي ڏني تہ هن مسيح کي جياريو: پر جي مُئل جي نٿا اُٿن تہ هن انهي کي بہ نہ جياريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ تہ اسين خدا جي باري ۾ بہ ڪوڙا شاهد ٿي پياسين، ڇو تہ اسان شاهدي ڏني آهي تہ هن مسيح کي جيئرو ڪيو. سو جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ خدا مسيح کي بہ جيئرو ڪري نہ اٿاري ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 پوءِ تہ اسين خدا جي باري ۾ بہ ڪوڙا شاھد ٿي پياسين، ڇوتہ اسان شاھدي ڏني آھي تہ ھن مسيح کي جياريو. پر خدا کيس نہ اٿاريو، جيڪڏھن اھو سچ آھي تہ مئل نہ ٿا اٿارجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 15:15
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ايشور هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيوت ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي.


انهيءَ ئي يسوع کي ايشور جيوت ڪيو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون.


يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪري ايشور ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي پرڀو يسوع تي وشواس آڻين.


تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو.


خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت وڏي شڪتيءَ سان پرڀو يسوع جي وري جيوت ٿيڻ جي شاهدي ڏيندا هئا. انهن سڀني وشواسين تي ايشور جي ڏاڍي ڪرپا هئي


جيڪڏهن مئل جيوت ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جيوت ٿي ڪونہ اٿيو آهي.


مطلب تہ جيڪڏهن مئل جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ مسيح بہ جيوت ڪري نہ اٿاريو ويو آهي


پر حقيقت اها آهي تہ مسيح مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، جيڪو سڀني مري ويلن مان پهريون ڦل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ