1.ڪرنٿين 15:10 - Hindu Sindhi Bible10 هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو ايشور جي ڪرپا سان آهيان ۽ ايشور جي اها ڪرپا مون تي اجائي نہ هئي، ڇو تہ مون ٻين سڀني سنتن کان وڌيڪ سيوا جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اها ايشور جي ڪرپا هئي جيڪا مون تي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 پر جيڪي آهيان سو خدا جي فضل سان آهيان، ۽ سندس فضل، جيڪو مون کي مليو، سو اجايو نہ ٿيو. پر مون پاڻ هنن سڀني کان گهڻي محنت ڪئي، انهي هوندي بہ اهو آئون ڪين هوس، پر خدا جو فضل هو، جو مون سان هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible10 هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو خدا جي فضل سان آهيان ۽ خدا جو اهو فضل مون تي اجايو نہ هو، ڇو تہ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ خدمت جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اهو خدا جو فضل هو جيڪو مون تي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament10 پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |