Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:6 - Hindu Sindhi Bible

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان ۽ رڳو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايان تہ اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، جيستائين آءٌ اوهان کي آڪاش‌واڻي، ڄاڻ، سکيا يا ايشور جو سنديش نہ ٻڌايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر هاڻي اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اوهان وٽ اچي نامعلوم ٻولين ۾ ڳالهايان، پر مڪاشفي، يا علم، يا نبوت، يا تعليم جي رستي نہ ڳالهايان، تہ آئون اوهان کي ڪهڙو فائدو رسائيندس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان ۽ رڳو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايان تہ اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، جيستائين آءٌ اوهان کي مڪاشفو، ڄاڻ، تعليم يا خدا جو پيغام نہ ٻڌايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن آءٌ اوھان وٽ اچان ۽ عجيب ٻوليون ڳالھايان تہ اوھان کي ڪھڙو فائدو پھچائيندس، جيستائين آءٌ اوھان سان ڪنھن مڪاشفي، يا علم، يا خدا جي ڪلام، يا تعليم جي وسيلي نہ ڳالھايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:6
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت يسوع ايشور کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


يسوع چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آهين، ڇاڪاڻ تہ هيءَ حقيقت ڪنهن انسانذات نہ، پر منهنجي پتا، جيڪو آڪاش تي آهي تنهن تو تي ظاهر ڪئي آهي.


ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄو سنسار تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


اهي پنهنجو وقت سنتن کان سکڻ، هڪٻئي جي سنگت ۾ رهڻ، گڏجي رسوئي کائڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذارڻ لڳا.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀرپور ۽ گھڻي کان گھڻي ڄاڻ رکندڙ آهيو ۽ هڪٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا.


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جيڪا سکيا اوهان کي ملي آهي تنهن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رهجو.


حقيقت ۾ اوهين اڳي پاپ جا غلام هئا، پر ايشور جو شڪر آهي جو هاڻي اوهين انهيءَ سونپيل سکيا تي هلندي تن ۽ من سان ان جي وس هيٺ ٿيا آهيو.


انهيءَ طرح آءٌ بہ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ سڀ ڪنهن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنهنجو فائدو نہ، پر ٻين جو فائدو چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن گھڻن کي مڪتي ملي.


سو اوهين پريم جا ڳولائو رهو. انهيءَ کان علاوہ پوِتر آتما کان ملندڙ وردانن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جي وردان لاءِ.


بي‌جان سازن تي ئي غور ڪريو. مثال طور جيڪڏهن بانسري يا ستارَ صحيح نموني سان نہ وڄائي وڃي تہ ٻڌندڙن کي ان جي سُر جي سڌ ڪيئن پئجي سگھندي؟


پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ گيان ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.


ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي درشن ۽ آڪاش‌واڻيون مون کي پرڀو يسوع کان مليون آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.


انهيءَ درشن جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي شرير ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.


منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو ايشور، جيڪو وڏي مهانتا وارو پتا آهي، سو ڏاهپ بخشڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پوِتر آتما کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.


اهو پڙهي اوهان کي سڌ پئجي ويندي تہ مسيح جو اهو ڀيد آءٌ ڪيتري قدر سمجھان ٿو.


تنهنڪري اسان مان جيڪي آتما جي لحاظ کان بالغ آهن، تن کي اهو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هجي تہ ايشور انهيءَ کي بہ اوهان تي کولي پڌرو ڪندو.


اهي ڳالهيون ماڻهن کي ياد ڏيار ۽ کين تاڪيد ڪر تہ اهي ايشور کي حاضر ناظر ڄاڻي ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناهي. اٽلندو انهيءَ سان ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.


پر تو منهنجي سکيا، هلت چلت، مقصد، وشواس، برداشت، پريم ۽ ثابت قدميءَ ۾ منهنجي پيروي ڪئي آهي.


پوِتر شاستر جي هر لکت جو سرچشمو ايشور ئي آهي ۽ اها لکت حق سچ جي ڄاڻ ڏيڻ، ڇينڀڻ ۽ سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آهي.


تون مسيح بابت سنديش جو پرچار ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بي‌وقت تيار رهہ. پوري ڌيرج سان ماڻهن کي سکيا ڏيندي کين سمجھاءِ، ڇينڀ ۽ سندن همت‌افزائي بہ ڪر،


اها ڳالهہ ڀروسي واري آهي. سو منهنجي مرضي آهي تہ تون پوري يقين سان انهن ڳالهين جي دعويٰ ڪر، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ايشور تي پورو ڀروسو رکن ٿا، سي ڌيان سان چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ رڌل رهن. اهي ڳالهيون چڱيون ۽ ماڻهن لاءِ فائديمند آهن.


جدا جدا قسمن جي عجيب سکيا تي لڳي ڀَٽڪي نہ وڃو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي ايشور جي ڪرپا جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


سو انهن ڳالهين کي اڳيان رکندي اوهين تمام گھڻي ڪوشش ڪري پنهنجي وشواس سان نيڪيءَ ۾ واڌارو آڻيو ۽ نيڪيءَ سان ڄاڻ ۾،


ان جي بدران اوهين اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي ڪرپا جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي مهانتا جي مهما هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


جيڪو بہ مسيح جي سکيا تي قائم نہ ٿو رهي ۽ هٽي ڪري پنهنجيون ڳالهيون ٿو ڪري، تنهن وٽ ايشور موجود نہ آهي. پر جيڪو مسيح جي سکيا تي قائم رهي ٿو، تنهن وٽ پتا بہ آهي ۽ پٽ بہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ