Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:37 - Hindu Sindhi Bible

37 جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هو ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙ يا ڪا خاص آتمڪ حيثيت رکندڙ آهي تہ کيس ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي لکان ٿو سو پرڀو يسوع جو حڪم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 جيڪڏهن ڪو پاڻ کي نبي يا روحاني ماڻهو سمجهي، تہ ڄاڻي تہ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، سي خداوند جا حڪم آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هو خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ يا ڪا خاص روحاني حيثيت رکندڙ آهي تہ کيس ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي لکان ٿو سو خداوند عيسيٰ جو حڪم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھو خدا جو پيغام ٻڌائي سگھي ٿو، يا کيس روحاني نعمت مليل آھي تہ ان کي ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي آءٌ لکان ٿو سي خداوند جا حڪم آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:37
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو ايشور کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“


آءٌ انهيءَ ڪرپا جي ڪري جيڪا مون کي بخشي ويئي آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو ايشور اوهان کي وشواس بخشيو آهي.


ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙن مان ٻہ يا ٽي ڳالهائين ۽ ٻيا سندن ڳالهين کي پرکين.


اي ڪرنٿيؤ! ڇا ايشور جو سنديش اوهان وٽان شروع ٿيو آهي؟ يا اهو رڳو اوهان وٽ ئي پهتو آهي؟


هاڻ جيڪڏهن ڪو اها ڳالهہ نظرانداز ٿو ڪري تہ اهو پاڻ بہ نظرانداز ڪيو ويندو.


جنهن ماڻهوءَ ۾ پوِتر آتما رهي ٿي، سو سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انهيءَ پوِتر آتما واري کي بنا پوِتر آتما وارو ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي،


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون اوهان سان ائين نہ ڳالهايو هو جيئن آتمڪ ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، پر ائين ڳالهايو هئم جيئن سنساري ماڻهن سان ڳالهائبو آهي. هائو، جيئن تہ اوهين مسيح ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر آهيو


ڪنوارو رهڻ يا نہ رهڻ بابت مون کي پرميشور جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آءٌ، جنهن تي پرميشور پنهنجي ديا پرگھٽ ڪئي آهي سو ڀروسي جوڳو هئڻ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ ٿو ڏيان.


پر منهنجي راءِ آهي تہ جيڪڏهن اها ٻيهر نہ پرڻجي تہ وڌيڪ سڀاڳي رهندي. اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان جو آءٌ سمجھان ٿو تہ مون ۾ بہ ايشور جي پوِتر آتما آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ هو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي.


اهو ٿي نہ ٿو سگھي تہ اسين اهڙي همت ڪري پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ شمار ڪريون يا انهن سان ڀيٽيون جيڪي پنهنجي ساراهہ پاڻ ٿا ڪن. جڏهن تہ اهي پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجھي هڪٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري مورک ٿا بڻجن.


اوهين رڳو ظاهري صورت تي نظر ڪريو ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ تي اهو يقين آهي تہ هو مسيح جو آهي، تہ انهيءَ کي وري دل ۾ اهو بہ سوچڻ گھرجي تہ جيئن هو پاڻ مسيح جو آهي، تيئن اسين بہ آهيون.


اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو جو اوهين خوشيءَ سان هر انهيءَ کي برداشت ڪريو ٿا جيڪو اوهان وٽ اچي يسوع جي باري ۾ ڪو ٻيو پرچار ڪري ٿو، جيڪو پرچار اسان نہ ڪيو هو. ان کان علاوہ اوهين مليل پوِتر آتما جي بدران ٻي آتما قبول ڪريو ٿا ۽ مليل خوشخبريءَ جي بدران ٻي خوشخبري قبول ڪريو ٿا.


جيڪو پنهنجي شريري فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انهيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پوِتر آتما جي لاءِ پوکي ٿو، سو پوِتر آتما مان امر جيون جو فصل لڻندو.


جيڪي ايشور جو سنديش ڏيندڙ پوِتر سنت اڳي ڪري ويا آهن. انهن سان گڏ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ جو سچائيءَ جي واٽ تي هلڻ وارو اهو حڪم بہ ياد ٿو ڏياريان، جيڪو اوهان کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي وسيلي ڏنو ويو هو.


پر اسين ايشور جا آهيون. جيڪو ايشور کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو ايشور جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ واري آتما آهي ۽ ڪنهن ۾ ڀَٽڪائڻ واري آتما.


سو اي پريميؤ! اوهين هنن ڳالهين کي ياد رکو، جيڪي اسان جي پرڀو يسوع مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندڙ سندس سنت اڳي ئي اوهان کي ٻڌائيندا ٿي رهيا تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ