Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:34 - Hindu Sindhi Bible

34 نارين کي منڊلين جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي وس هيٺ رهندي خاموش رهن. اهو ئي نيم شاستر ۾ بہ فرمايل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 زالن کي جماعت ۾ ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هنن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪانهي، پر کين تابعدار رهڻ کپي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 عورتن کي ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي تابعداري ڪندي خاموش رهن. اهو ئي شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 ايمان وارن جي سڀني ڪليسيائن موجب، ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ عورتن کي چپ رھڻ گھرجي. ھنن کي ڳالھائڻ نہ کپي بلڪ کين تابعدار رھڻ گھرجي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:34
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پاڻ ئي فيصلو ڪريو تہ ڇا اهو مناسب آهي جو ايشور جي آڏو ناري اگھاڙي مٿي سان پرارٿنا ڪري؟


هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، ناريءَ جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو ايشور آهي.


جيڪا ناري مٿي اگھاڙي پرارٿنا ٿي ڪري يا ايشور جو سنديش ٿي ٻڌائي، سا پنهنجي مٿي جو اپمان ٿي ڪري. اهو ڄڻ تہ سندس مٿي ڪوڙائڻ جي برابر آهي.


پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”توڙي جو آءٌ هن قوم سان ڌاريون ٻوليون، ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻڌندا. اهو آءٌ پرميشور ٿو چوان.“


باقي جيڪڏهن اهي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنهنجي پنهنجي پتيءَ کان پڇن. جڏهن تہ منڊليءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪابہ مداخلت ڪرڻ ناريءَ لاءِ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.


اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ پتيءَ کي پنهنجي پتنيءَ سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ پتنيءَ کي بہ پنهنجي پتيءَ جو ادب ڪرڻ گھرجي.


اي پتنيون! پرڀو يسوع جون هئڻ ڪري جيئن اوهان لاءِ مناسب آهي، تيئن پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهو.


سمجھُو ۽ پوِتر هجن، گھر سنڀاليندڙ، ڪرپالو ۽ پنهنجن پتين جي وس هيٺ هجن، تہ جيئن ايشور جي سنديش جي بدنامي نہ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ